|
هڪ قديم ماڳ سان ملاقات! عبدالحئي پليجو
اسان جي بس جي ڀرسان ڪو چرچ هو، جنهن جي ٻاهران وڏي تعداد ۾ سفيد رنگ جون ڊگهيون گاڏيون گلن سان سينگاريل بيٺيون هيون، جنهن مان گهوٽ ڪنواريون پيا لهن ۽ چڙهن، جن کي نهايت ئي سهڻا سفيد ڪپڙا پهريل آهن، جن جي منهن تي خوشيءَ جو اظهار آهي. اهڙي خوشيءَ جو اظهار انساني زندگي ۾ ماڻهو صرف هڪ دفعو ئي ڪندو آهي. اسان جي بس ۾ سياح پهچي چڪا جنهن کان پوءِ بس روم جي رستن تي هلي رهي هئي. مون روم سان گڏوگڏ سڄي اٽلي جي سڀني شهرن ۾ هيءَ ڳالهه چٽي طرح محسوس ڪئي ته هتي جا گهر ۽ فليٽ باقي يورپ کان مختلف ۽ پنهنجي ملڪ جي گهرن، فليٽن وانگر ٺهيل آهن. مثلن جيئن پاڻ وٽ گهر ٺهرائڻ وقت روشني ۽ هوا جو خيال رکندي ڪمرن جي اڳيان ورانڊو، بالڪونيون ٺهرائجن ٿيون ته جڳهه اهڙي ته هوادار هجي جو ٿڌي رهي ۽ گرم نه ٿئي، اٽليءَ ۾ به ماڻهن جي رهائش جا گهر ۽ فليٽ بلڪل اهڙي ئي ترتيب سان ٺهيل هئا. اسان اٽليءَ ۾ هڪ هفتو هئاسين، اسان لنڊن، بيلجيم، هالينڊ، جرمني، لگزمبرگ ۽ سوئيٽزرلينڊ مان ٿي اچي رهيا هئاسين تنهن ڪري اسان کي هت ڪافي گرمي محسوس ٿي رهي هئي. هت مقامي ماڻهن کي ڪپڙا به اهڙا پيل آهن، جهڙا ڪپڙا گرم ملڪن جا ماڻهو پائيندا آهن، ته جيئن گرمي گهٽ لڳي. شهر کان ٻاهر زرعي فارمن تي اهڙا بنگلا نظر آيا، جو ڄڻ سنڌ وانگيان ڪنهن زميندار جو زمين تي ٺهيل بنگلو هجي. مطلب ته سڄي دنيا جو ماڻهو پنهنجي لاءِ گهر پنهنجي ئي ماحول مطابق ٺهرائي ٿو ۽ هتي به هنن ائين ئي پنهنجي رهڻ لاءِ گهر ٺهرايا آهن، جيئن هتي جي موسم ۽ آبهوا آهي. اهو اثر انسان جي رهڻي سان گڏوگڏ ڪپڙي لٽي، کاڌي پيتي تي به ٿئي پوءِ اڳتي اهي اثر نيٺ ماڻهو جي مزاج ۾ به نظر اچن ٿا. اسان جي بس جنهن هنڌ بيٺي ان ڀرسان رستي جي پرئين طرف روم شهر جو مرڪزي حصو واقع آهي. سلطنت جي زوال ۽ عيسائيت جي فروغ سبب شهر پڻ زوال جو شڪار ٿيو. پوءِ ڪيترن ئي حملا آورن شهر کي لٽي ڦري ان کي کنڊرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. تاريخ جي وچئين ۽ روشن خيالي وارن دورن دوران شهر جي ٻين ڀاڱن ۾ نيون جايون جوڙڻ لاءِ گهربل شيون خاص طور تي پٿر هن علائقي جي ڦٽل عمارتن مان وڏي مقدار ۾ ڪڍي ڪم آندو ويو. انهن قديم آثارن کي بچائڻ لاءِ انهن جي ڇنڊ ڦوڪ پڻ کوٽائي وسيلي ئي ٿي، انهيءَ سلسلي ۾ کوٽائي جو ڪم اوڻويهين صديءَ جي شروعات کان شروع ٿيو، جيڪو مختلف صورتن ۽ مرحلن ۾ اڃا تائين هلندڙ آهي. ان کانپوءِ اسين شهر جي مرڪز جي ڏکڻ ۾ پيليٽين هل جيڪو سر ڪو ماسينو نالي هڪڙي عاليشان ۽ سرسبز ميدان ۾ وياسين. هيءُ ميدان قديم شهر جو گهوڙي گاڏين جي ڊوڙ واري مقابلي جو مکيه ميدان هوندو هو، هيءُ ميدان ايترو وڏو ۽ ڪشادو هوندو هو، جو اتي هڪ ئي وقت فقط گهوڙي گاڏين جي ڊوڙ وارو مقابلو ڪندڙ ماڻهن جو تعداد ٻن لکن کان وڌيڪ هوندو هو. جيڪڏهن هن ميدان جو اڌ حصو به اڃائين سلامت هجي ها ته ڪولوزيئم وانگر هن ميدان جو پڻ دنيا ۾ چرچو هجي ها. روم شهر جا هي قديم ماڳ مڪان ڏسندي ڏسندي اسان کي ڏهن ڪلاڪن کان به وڌيڪ ٽائيم ٿي ويو آهي، پر دل پئي چاهي ته اڃا گهڻو ڪجهه ڏسجي. palijo_hai@hotmail.com |