موجوده حالتن ۾ اها ڳالهه سمجهڻ جي ضرورت آهي ته هي وقت پاڻ ۾ جهيڙن جو نه آهي بلڪه اتحاد ۽ هم آهنگيءَ جو آهي. پاڪستان جي هڪ اهم پاڙيسري ملڪ ڀارت سان پاڪستان جا معاملا بهتر نه ٿيا آهن، جنهن لاءِ ڪوششون جاري آهن. افغانستان جي خراب ٿيندڙ صورتحال سبب ڀارت سان به تڪرارن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ملڪ جي قبائلي علائقن ۽ سرحد ۾ انتهاپسندن ۽ ويڙهاڪن اسٽيٽ جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي اُهي سنگين حالتون آهن، جن مان پاڪستان گذري رهيو آهي. اهڙين حالتن ۾ سمورن سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي رويي ۾ لچڪ پيدا ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجن اختلافن کي پاسيرو رکي، هم آهنگيءَ جو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، ته جيئن ملڪ کي درپيش چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي. نه وسارڻ گهرجي ته پاڪستان کي ڪنهن به صورت ۾ مذهبي انتها پسنديءَ ڏانهن وٺي وڃڻ اسان جي حق ۾ هوندو. پاڪستان کي قائد اعظم جي تصور مطابق ئي ترقي ڪرڻي آهي. اهو سوچڻ اسان سڀني جو فرض آهي ته پاڪستان کي ڪهڙي طرف وٺي وڃڻ گهرجي. طالبان جو پاڪستان يا فرانس جهڙو پاڪستان؟ هڪ خوشحال ۽ ترقي ڪندڙ پاڪستان يا پٺتي پيل ۽ گهرو ويڙهه جهڙين حالتن جو شڪار پاڪستان؟ تنقيد براءِ تنقيد کان پاسو ڪندي، ملڪ تي عوام جي حاڪميت ۽ حڪمرانيءَ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کپي.

aftabkhanzada2@yahoo.com