| ~ |
|
هڪ ڪلاڪ ۾ قيد ماڻهو! منظور ميراڻي
پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، پر پيپلز پارٽيءَ جي وفاقي وزير راجا پرويز اشرف هڪ ڪلاڪ جي ڪنجيءَ سان سمورن مسئلن جا حل ڳولي ڪڍيا آهن...هاڻي عوام کي فڪر ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪونهي، اڳي حڪمران اها دعويٰ ڪندا هئا ته عوام جا مسئلا کين سندن گهرن جي چائنٺ تي حل ٿي ملندا، پر هاڻي معاملو ان کان به سولو ٿي ويو آهي، هاڻي ماڻهن جي ٻانهن ۾ ٻڌل گهڙين ۽ ديوارن تي ٽنگيل گهڙيالن جي سُئي هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪرڻ سان سندن مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا...پر چيو ويو آهي ته عوام تڪڙ نه ڪري پهرين جون تائين انتظار ڪري، پهرين جون تي جيئن ئي ماڻهو پنهنجي گهڙين جا ڪانٽا ڪلاڪ اڳتي ڪندا ته انهن جي دنيا ئي تبديل ٿي ويندي...اوندهه ۾ ٻڏل شهر روشن ٿي ويندا، گهرن ۾ گرميءَ سبب بي آرام ٿيل معصوم ٻار پکي جي هيٺان سمهي سڪون واري ننڊ ڪري سگهندا، ڪٿي به بجليءَ جي بريڪ ڊائون خلاف ڪو ڌرڻو نه لڳندو ۽ ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ اهڙي ڌرڻي سبب ڪو شاگرد عبدالنبي قتل نه ٿيندو...ماڻهن جي مسئلن جو حل انهن جي ٻانهن ۾ ٻڌل هو، پر هو بي خبر رهي ورهين کان مسئلن ۾ پيڙبو رهيو، شايد ان ڪري جو راجا پرويز اشرف جهڙو باخبر ماڻهو حڪومت ۾ نه هو... هاڻي عوام کي ڪو به فڪر نه ڪرڻ گهرجي، هو پنهنجين گهڙين جو ڪانٽو هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪندا ته پاڻمرادو اٽي جون قيمتون گهٽجي وينديون، اهو پيٽرول جيڪو راجا پرويز اشرف وارن جي حڪومت ۾ ٽيون ڀيرو مهانگو ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي، سو به سستو ٿي ويندو...سڀني کي روزگار ملي ويندو، ڪو به نوجوان بيروزگاريءَ سبب خودڪشي نه ڪندو، 3 نومبر تي هٽايل جج بحال ٿين يا نه ٿين، پر انصاف سڀني کي ميسر ٿي ويندو، ڪير به پاڻي ڀرڻ لاءِ ٽينڪرز جي پٺيان نه ڊوڙندو، نه وري ڪير اغوا ٿيندو ۽ نه ڪو ڪنهن بندوق واري کي ”ڀتو“ ڏيڻ تي مجبور هوندو، نه وري ڪٿي ڪو آپگهاتي حملو ٿيندو...بس اوهان پهرين جون کان پنهنجين گهڙين جا ڪانٽا هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪري ڇڏجو ۽ زندگي مزي سان گذارجو... حڪومتِ وقت زندگيءَ کي آسان ڪرڻ لاءِ هڪ فارمولا ڏئي ڇڏيو آهي، سمورن مرضن جي علاج لاءِ هڪ جڙي ٻوٽي آزمائڻ جو اعلان ٿي چڪو آهي، پوءِ نه چئجو ته سرڪار عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو!! پر ڇا اوهان کي ياد ڪونهي ته هن ملڪ کي وچڙيل اهڙن ڪيترن ئي مرضن جي علاج لاءِ گهڙين جا ڪانٽا اڳتي ڪرڻ واري اهڙي جڙي ٻوٽي ڪجهه ورهيه اڳ خود ان ساڳي صدر پرويز مشرف به ته آزمائي هئي، جنهن پرويز مشرف کي ڪٿي ڪٿي ۽ ڪڏهن هاڻوڪين سمورن خرابين ۽ مرضن جو ذميوار قرار ڏنو ويندو رهي ٿو... سوال آهي ته صدر مشرف جي آزمايل جڙي ٻوٽي کي جڏهن پيپلز پارٽيءَ وارا آزمائي رهيا آهن ته اها جڙي ٻوٽي واقعي به مرض کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا مدد ڪندي يا مرض وري به رهندو، ممڪن آهي ته معالج مٽجي وڃن...هونءَ به اسان جو ملڪ هڪ بايولاجيڪل ليبارٽري آهي، جتي جي ماڻهن تي ان ليبارٽريءَ ۾ رکيل جانورن وانگر تجربا ئي ٿيندا رهيا آهن پر گهٽ ۾ گهٽ اهڙا تجربا ته نه ڪيو، جن تجربن ماضيءَ ۾ ڪو فائدو نه ڏنو. دنيا ۾ گهڙين جا ڪانٽا ان ڪري اڳتي ٿيندا آهن، جيئن ڏينهن جو هڪ ڪلاڪ بچائي وڌيڪ ڪم ڪري سگهجي پر هتي ڪم لاءِ ڪلاڪ بچائڻ جو ڪو اشو ئي ڪونهي، ڪلاڪ کان وڌيڪ ماڻهن کي بچائڻ جو اشو آهي، ماڻهو جن کي مهانگائي ماري رهي آهي، ماڻهو جن کي بجليءَ جو بريڪ ڊائون ماري رهيو آهي، ماڻهو جن کي بيروزگاري ماري رهي آهي، ماڻهو جيڪي هڪ ڏهين ڏينهن وڌندڙ تيل جي قيمتن هيٺان پيسجي رهيا آهن... تيل جي قيمتن ۾ واڌ انهن جو اشو ڪونهي، جن وٽ گاڏيون آهن، پر اهو وڏو اشو ته انهن جو آهي، جيڪي روز ڪمائين ٿا ۽ روز کائين ٿا ۽ جيئن جيئن مهانگائي وڌي پئي اهي ڄڻ ته روز مرن ٿا ۽ روز جيئن ٿا... مرڻ کانپوءِ وري جيئرا ٿا ٿين ته جيئن وري مري سگهن... ڇا گهڙين جا ڪانٽا هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪرڻ سان اهي مرڻ ۽ جيئڻ واري انهيءَ ريسائيڪلنگ مان نجات ماڻي وٺندا؟ هن وقت ٽيليويزن تي هلندڙ پروگرامز جي پينل ۾ شريڪ ٿيندڙ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن جي ميڊيا کان شڪايت آهي ته ميڊيا کي رڳو ججن وارو اشو ڇو ٿو نظر اچي، ٻيا به ته ڪيترائي معاملا آهن، انهن کي فوڪس ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ اهي جيڪي به اشوز آهن ڇا ميڊيا جي فوڪس ڪرڻ سان حل ٿي ويندا؟ اهي ته هر صورت ۾ سرڪار کي ئي حل ڪرڻا آهن، جيڪڏهن ميڊيا جي فوڪس ڪرڻ سان ڪي مسئلا حل ٿين ها ته پوءِ سڀ کان پهرين ته ججن وارو اشو حل ٿي وڃي ها، جو اهو اشو گذريل سال سوا کان ميڊيا تي ڇانيل آهي. فرض ڪريو جيڪڏهن ميڊيا مهانگائي ۽ بجليءَ جي بريڪ ڊائون واري اشو کي اهميت ڏئي پنهنجو وڏو اسپيس ان جي حوالي ڪري ته پوءِ وري اها شڪايت به ٿي سگهي ٿي ته ڇا ملڪ ۾ رڳو مهانگائيءَ وارو اشو آهي؟ انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جيترا اشوز ۽ جيتريون ڏکيون حالتون هاڻوڪي سرڪار جي حصي ۾ آيون آهن، ماضيءَ ۾ شايد ئي ڪنهن سرڪار لاءِ ايترا چئليجز هجن، پر سوچڻ اهو گهرجي ته موجوده حڪومت جن چيلنجز کي منهن ڏئي رهي آهي، انهن چيلنجز جا سبب ڪهڙا آهن؟ انهن سمورن چيلنجز جا سبب گذريل 8 سالن جي حڪومت آهي، جيڪا عوام جي دل انهن دعوائن تي بهلائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ته پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته هڪ پاسي صدر مشرف جي ٽيم ان طريقي سان عوام جي دل بهلائي رهي هئي ۽ ٻئي پاسي اجتماعي خودڪشين واريون خبرون اچي رهيون هيون. اهي دعوائون ان اسپتالن ۾ رکيل ان مصنوعي آڪسيجن کان وڌيڪ اهميت نه پيون رکن، جنهن آڪسيجن تي هلي هلي مريض نيٺ به ساهه ڏئي ڇڏيندو آهي. صدر مشرف ۽ ان جا معاشي ماهر هن ملڪ جي ماڻهن کي گذريل 8 سالن کان مصنوعي آڪسيجن تي هلائڻ جي ڪاريگري ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي جڏهن حڪومت ان جي ٽيم ۽ ذري گهٽ خود صدر مشرف جي هٿن مان به نڪري وئي آهي، تڏهن اها مصنوعي آڪسيجن به ڪونهي رهي، جو هن حڪومت جي اچڻ سان ئي کاڌي خوراڪ توڙي تيل جون قيمتون چوٽ چڙهي ويون آهن. اها ڳالهه به مڃجي ٿي ته پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ جيڪي تيل جون قيمتون وڌيون آهن، يا خوراڪ جي جيڪا کوٽ پيدا ٿي آهي، ان ۾ هاڻوڪي حڪومت ذميوار ناهي، ان کي انهيءَ ذميواريءَ مان آجو ڪرڻ گهرجي، پر هن مٿان اها ذميواري هر صورت ۾ پئي ٿي ته جيڪو شخص ۽ ان شخص جي ٽيم انهن خرابين جي ذميوار آهي، تنهن کان هن قوم کي نجات ڏيارجي. ممڪن آهي ته آصف علي زرادريءَ جي اها حڪمتِ عملي درست هجي ته نواز شريف جي چوڻ تي صدر مشرف جي پويان لٺ کڻي نه پئجي، پر اهو ڪنهن صورت ۾ درست ڪونهي ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت صدر مشرف سان ورڪنگ رليشن ٺاهي، ان کي هڪ ڀيرو وري طاقتور ٿيڻ جو موقعو ڏئي. اهو شخص، جنهن جي ڪري ملڪ جي اڪانامي پٽ سان وڃي لڳي آهي، جنهن جي پاليسين جي ڪري عام ماڻهو غُربت جي ڪُن ۾ دٻجندو رهيو آهي، ان شخص لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ جو ڪو به جواز نظر نٿو اچي...صدر مشرف جي رهڻ جو هڪڙو جواز آمريڪا ئي ٿي سگهي ٿو، پر ڇا آمريڪا جي خواهش تحت پيپلز پارٽي ڪنهن اهڙي شخص سان گڏ هلندي، جنهن شخص جي اقتدار دوران رڳو آپگهاتي حملن عروج ماڻيو، پر ان شخص مٿان ان ليڊر جي شهادت وقت به آڱريون کڄيون، جنهن جي حيثيت رڳو پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن واري ڪو نه هئي، پر هن جي حيثيت هڪ عالمي ليڊر واري هئي. اهو شخص، جنهن ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ڪير به اقتدار ۾ اچي، پر ڪنهن به صورت ۾ پيپلز پارٽي ان انداز سان اقتدار ۾ نه اچي، جو هن کي اقتدار ۾ رهڻ لاءِ سندن آڏو جهڪڻو پئي. جڏهن 18 هين فيبروريءَ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ واضح اڪثريت سان کٽي آيا ۽ صدر مشرف جي پارٽي قائد ليگ جي تڏا ويڙهه ٿي وئي، تڏهن سڀني کي اها اميد هئي ته هاڻي صدر مشرف شايد ئي رهي، پر هن وقت جڏهن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جو اتحاد انهن جي خواهشن جي ابتڙ ٽٽي چڪو آهي ته ان کي 18 هين فيبروريءَ کان پوءِ صدر مشرف جي پهرين ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي. صدر مشرف سدائين پنهنجي پهرين ڪاميابيءَ جي مرحلي مان گذرڻ لاءِ فڪرمند هوندو آهي، ان کان پوءِ گيم پنهنجي هٿ ۾ ڪري وٺندو آهي. هو 12 آڪٽوبر 99ع ۾ اقتدار هٿ ڪرڻ واري مرحلي ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ آهستي آهستي شين کي پنهنجي حق ۾ ڪندو رهيو، ۽ ايئن هو 8 سال ڪڍي ويو. هن وقت به جڏهن هو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي الڳ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، تڏهن هن لاءِ گهڻيون شيون هٿ وس ڪرڻ آسان ٿي وينديون. اهو قطعي به وسارڻ نه گهرجي ته صدر مشرف سياسي طور تي ڀلي اڪيلو ٿي ويو هجي، پر هن وٽ آئيني طور تي 58 (2) بي جا اختيار آهن، پر اهي اهڙا اختيار آهن، جيڪي نئين حڪومت جڙڻ جي ايتري مختصر عرصي دوران استعمال ڪرڻ ڏکيا آهن. انهن اختيارن جي استعمال لاءِ ڪنهن به صدر کي مخصوص حالتون گهرجن، ۽ صدر مشرف اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جو ماهر آهي، ان کي پيپلز پارٽيءَ ڪجهه وقت ڏنو ته هو اهي سڀ جواز ٺاهي وٺندو، جن جي بنياد تي ڪنهن چونڊيل حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو رهيو آهي. مثال طور تي هن وقت نواز ليگ اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته هو ججن جي بحاليءَ لاءِ هلندڙ تحريڪ ۾ حصو وٺندا. اها به حقيقت آهي ته ججن جي بحال نه ٿيڻ خلاف جيڪا تحريڪ هلندي، ان جو زور ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پنجاب اندر هوندو. پنجاب ۾ هن وقت خود ان نواز ليگ جي حڪومت آهي، جيڪا نواز ليگ احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ اتان جي حڪومت به ڪنهن احتجاج ۾ شريڪ ٿي وڃي ته ان جو مقصد اهو بيهندو ته هڪ صوبائي حڪومت وفاقي سرڪار کي غير مستحڪم ڪري رهي آهي، ان کي سبب بڻائي پنجاب صوبي ۾ گورنر راڄ به لاڳو ڪري سگهجي ٿو. سلمان تاثير جي گورنريءَ طور مقرري کي سياسي حلقه اهڙي ڳالهه ڏانهن اشارو سمجهن ٿا. ان سان گڏ بلوچستان ۾ اڳواٽ ئي آپريشن هلندڙ آهي، سرحد صوبي جي صورتحال به ڪنهن کان لڪل ڪونهي. جيستائين سنڌ جو سوال آهي ته هتي هونءَ ئي ”صدر مشرف جا نمائينده“ ڪنهن به وقت ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهن، سو هتان جون حالتون خراب ٿيڻ ۾ به دير نه لڳندي. خدا ڪري ته ايئن نه ٿئي، پر اهو سمورو اهڙو منظر آهي، جنهن منظر جڙڻ کان پوءِ صدر مشرف 58 (2) بي جا اختيار استعمال ڪرڻ لاءِ حق بجانب هوندو. هن وقت جڏهن آصف علي زرداري چئي پيو ته آئيني پيڪيج آڻڻ جو تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، ته ڇا ان آئيني پيڪيج ۾ صدر مشرف کان 58 (2) بي جا اختيار کسڻ جو به ڪو نقطو شامل آهي؟ جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ ملڪ مستقبل جي وڏين خرابين کان بچي سگهي ٿو، پوءِ پيپلز پارٽي ڪجهه ڊليور به ڪري سگهندي، پوءِ پيپلز پارٽي پنهنجو مقرر مدو به پورو ڪري سگهندي، پوءِ پيپلز پارٽي هن ملڪ ۾ جمهوري ڪلچر به ڏئي سگهندي...پوءِ بجلي، ڪڻڪ ۽ روزگار جو بحران به ختم ڪري سگهندي، پوءِ پيپلز پارٽيءَ کي اها ضرورت محسوس نه ٿيندي ته گهڙين جا ڪانٽا ڪلاڪ اڳتي ڪرڻ وارا اهڙا اجايا اعلان ڪري، جن سان ڪو به مسئلو حل نه ٿيندو. ملڪ کي اڳتي ڪرڻ جي ضرورت آهي، ۽ ملڪ گهڙين جا ڪانٽا اڳتي ڪرڻ سان اڳتي نه وڌندا، پر شخصي حڪمرانيون ختم ڪرڻ سان اڳتي وڌي سگهندا. manzoor_mirani70@hotmail.com |