ناڻي جي درست ورڇ کان سواءِ سنڌ جا مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟

حميرا علواڻي

 

 

                جنوري 2003ع جي هڪ ڏينهن تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر (پ پ پ) پاران  اين ايف سي ايوارڊ(قومي مالياتي ڪميشن) جي حوالي سان پيش ڪيل قرارداد تي بحث هلي رهيو هو ۽ مخالف ڌر (پ پ پ ) وارا  ان ڳالهه تي زور ڀري رهيا هئا ته ناڻي جي ورڇ لاءِ رڳو آباديءَ کي ئي معيار نه بڻايو وڃي، بلڪ ان لاءِ ڪمائي (Ravenue Collection)، اوڳاڙي ، غربت جي شرح ۽ پسماندگيءَ کي پڻ اهڃاڻ طور قبول ڪيو  وڃي. ان بعد حڪومتي ڌر طرفان صوبائي سينئر وزير سردار احمد مخالف ڌر سان ملي هڪ نئون فارمولو جوڙيو هو، جنهن ۾ مرڪز کي گذارش ڪئي وئي هئي ته جنرل سيلز ٽيڪس کي وفاق بدران صوبائي ٽيڪس قرار ڏنو وڃي ۽ وفاقي حڪومت جو حصو 63 سيڪڙو مان گهٽائي، 50 سيڪڙو ڪيو وڃي. اها قرارداد 28 جنوري 2003ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان يڪراءِ پاس ڪئي وئي هئي.

                پنجون ۽ آخري اين ايف سي ايوارڊ 1997ع ۾، جڏهن سنڌ ۾ ممتاز ڀٽي جي نگران حڪومت قائم هئي، تڏهن مليو هو. ان حساب سان 2002ع ۾ نئين سر اعلان ذريعي ڇهون اين ايف سي ايوارڊ ملڻ گهربو هو، پر گذريل 5 سالن کان مسلم ليگ ق جي وفاقي حڪومت جي نظرانداز ڪرڻ واري پاليسيءَ سبب اهو ايوارڊ صوبن جو حق هجڻ باوجود کين نصيب ڪو نه ٿيو.  اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته 1997ع واري اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ صوبي جي آبادي 2 ڪروڙ 90 لک ڏيکاريل آهي، جيڪا حقيقتن کان انحرافي هئي ۽ جنهن سبب سنڌ کي تمام گهڻو نقصان ٿيو. خالص آباديءَ جي بنياد تي اعلانيل اين ايف سي ايوارڊ جي ڪري، گذريل 5 سالن  (07-2002) دوران سنڌ کي 1.5 بلين(ڏيڍ ارب) روپين جو نقصان ٿيو آهي، 1973ع واري آئين جي آرٽيڪل 160 ۾ نيشنل فنانس ڪميشن بابت هيئن درج ٿيل آهي؛

1. ورڇ جوڳي پول ۾ ٽيڪس جي بنياد تي جمع ٿيندڙ ناڻو وفاق ۽ صوبن وچ ۾ تقسيم ڪيو ويندو.

2. ان Devisable poll مان وفاق صوبن کي امداد پڻ ڏئي سگهندو.

3. ان ناڻي مان صوبا وفاق کان قرض پڻ کڻي سگهن ٿا.

4.  اهو اين ايف سي ايوارڊ هر پنجن سالن کان پوءِ نئين سر صوبن کي ڏنو ويندو.

پر افسوس ته مٿي ڄاڻايل اڪثر ڳالهين تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. ان ڪري موجوده سنڌ حڪومت، جيڪا گذريل 5 سالن ۾ ٻه ڀيرا اپوزيشن ۾ هوندي به اين ايف سي بابت ٺهراءُ يڪراءِ پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي هئي، تنهن جو ڪردار وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ڇو ته اهو ان جو ئي موقف آهي ته ورڇ فقط آباديءَ جي بنياد تي نه پر ڪمائي، اوڳاڙين، غربت جي شرح ۽ پسماندگيءَ وغيره جي بنياد تي ٿيڻ کپي. ٻئي طرف زميني حقيقتون ڏسجن ٿيون ته موجوده اين ايف سي ايوارڊ مان گهڻي مان گهڻو نقصان سنڌ کي ئي برداشت ڪرڻو پيو آهي. سنڌ ٽيڪس اوڳاڙين جي مد ۾ پنهنجي ڪمائيءَ جو 63 سيڪڙو ساليانو وفاق کي ڏئي ٿي. گذريل سال ملڪ جي مجموعي ڪمائي (اوڳاڙين) 1485 ارب روپين مان سنڌ اڪيلي سر سيلز ٽيڪس جي اوڳاڙيءَ جي مد ۾ 63 سيڪڙو، پورٽ ڊيوٽيز جي مد ۾ 86 سيڪڙو، صنعتن جي مد ۾ 43 سيڪڙو، انڪم ۽ سروسز جي مد ۾ 78 سيڪڙو ڏنو هو. گذريل سال آباديءَ جي بنياد تي ٿيل ورڇ مان سنڌ کي رڳو 85 ارب روپيا مليا، جنهن مان پڻ وفاق جو رهتون، وفاق ڏانهن سنڌ جي سمورن ورتل قرضن 117 ارب روپين مان 24 ارب روپيا وياج، واپڊا جون رهتون، رينجرز جون پگهارون وغيره ڪٽي، باقي رقم سنڌ کي ملي.

                قرض جي حوالي سان سنڌ، وفاق جي مهانگي قرض هيٺ دٻيل آهي. وفاقي حڪومت اهو قرض گذريل 10 سالن دوران ايشين بئنڪ کان ترقياتي خرچن لاءِ وٺي ڏنو هو. اهو قرض وفاق پاڻ عالمي ادارن کان 6 سيڪڙو وياج تي ورتو هو ۽ سنڌ کي وري 16.18 سيڪڙو جهڙي وڏي وياج تي ڏنو هئائين. چون ٿا ته سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ مان 23 سيڪڙو ملي ٿو، پر حقيقت ۾ سنڌ کي ناڻي جي ورڇ مان رڳو ڪل ڪمائيءَ جو 17 سيڪڙو پيو ملي، باقي قرض وغيره جي مد ۾ وفاق پاران اڳواٽ ئي ڪاٽيو ٿو وڃي. سنڌ صوبي جي آبادي جيڪا 1997ع ۾ 2 ڪروڙ 90 لک ڏيکاريل آهي، سا هن وقت 5 ڪروڙن کان به وڌي چڪي آهي. رڳو NRB جي گذريل سال جي رپورٽ موجب 35 لک کان وڌيڪ غير قانوني پرڏيهي ڪراچيءَ ۾ آباد آهن. ان صورت ۾ ناڻي جي ٿيندڙ ورڇ کي انصاف موجب ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟

                گذريل سڄي حڪومتي دور (2007ع کان 2002ع) ۾ سنڌ جي صوبائي ناڻي واري وزارت متحده وٽ رهي. سردار احمد کان وٺي ايم اي جليل تائين، ناڻي واري صوبائي وزارت جا قلمدان سنڀاليندا رهيا. هاڻ به متحده وارا پ پ سان گڏ اتحاد ۾ حڪومتي ڪرسين تي ويٺا آهن. ان ڪري ناڻي واري معاملي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ زياديتن جي ازالي لاءِ انهن کي به موجوده سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ کپي. نئون ايوارڊ نه ملڻ ۽ ورڇ پراڻي فارمولي تحت ٿيڻ سبب گهڻي مان گهڻو نقصان سنڌ کي ئي پيو آهي. عالمي ادارن جهڙوڪ ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي نمائندن جو به چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ خاص طور اندرون سنڌ ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺانهين زندگي گذاري رهيا آهن. عام واهپي جون شيون به هاڻ عوام جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن. ان ڪري سنڌ حڪومت کي غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ عملي قدم کڻڻا آهن. ان ڏس ۾ نئين اين ايف سي ايوارڊ جو صوبن جي خواهشن ۽ انصاف مطابق اعلان تمام ضروري آهي. اهو صوبن جو جائز حق به آهي. اهو به ياد رکڻ کپي ته مالي خودمختياري ئي اصل ۾ صوبائي خودمختياري آهي. گذريل 5 سالن کان وٺي صوبن سان اهو مالي ناحق هلندو پيو اچي. گهٽ ۾ گهٽ هاڻ ان جو خاتمو اچڻ کپي ۽ سنڌ سرڪار کي وفاق آڏو پنهنجو چٽو موقف رکڻ گهرجي. سنڌ صوبو ملڪ جي روينيو ۾ سڀ کان وڏو حصيدار آهي، پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان اين ايف سي ايوارڊ جي ناانصافيءَ تي ٻڌل ورهاست کي ڀوڳي رهيو آهي، جنهن جو انت لازمي آهي.

                اها به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته ٽي صوبا سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان فقط آباديءَ جي بنياد تي ناڻي جي ورڇ کي مڪمل طور تي رد ڪري چڪا آهن، پر تڏهن به وفاقي حڪومت پنجاب جي چوڻ تي فقط آباديءَ جي بنياد تي ئي ناڻي ورڇ کي قائم رکندي پئي اچي. ٽيئي ننڍا  صوبا ان تي متفق آهن اين ايف سي ايواڊ ۾ وصولين، پسماندگي ۽ ايراضيءَ کي به شامل ڪيو وڃي.گڏوگڏ وفاقي حڪومت جو حصو پڻ گهٽائي صوبن کي ڏنو وڃي، پر ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ ننڍن صوبن جي آواز کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو پيو وڃي. هاڻ اها روايت ترڪ ٿيڻ کپي ۽  وفاق کي پنهنجي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري، صوبن جو حصو وڌائڻ کپي. ٻئي طرف 1998ع واري آدمشماريءَ کي پڻ 2008ع ۾ 10 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن، جيڪا اين ايف سي ايوارڊ جي اعلان کان اڳ ۾ ئي ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته گذريل ڏهن سالن دوران سنڌ جي آبادي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي وڌي آهي. مان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر واري حيثيت ۾ گذارش ڪريان ٿي ته؛

1. ڇهين اين ايف سي ايوارڊ جو فوري طور اعلان ڪيو وڃي ۽ ناڻي جي نئين ورڇ ۾ وصولين، غربت ۽ پسماندگيءَ جي اهڃاڻن کي به شامل ڪيو وڃي.

2. مرڪز صوبي ۾ موجود قدرتي گئس، ڪوئلي، تيل سميت سمورن قدرتي وسيلن جي رائلٽي ادا ڪري.

3. نئين بجيٽ 09-2008ع کان پهرين سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وفاق آڏو پيش ڪري، گذريل سالن دوران سنڌ جو ڪيس صحيح نموني سان پيش نه ٿيڻ سبب سنڌ کي تمام گهڻو نقصان سَهڻو پيو آهي.

4. هڪ نئين نيشنل فنانس ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، جيڪا ڪميشن صوبن جي وسيلن ۽ مسئلن جو نئين سر جائزو وٺي ۽ انصاف آڌار ورڇ جو مربوط نظام مرتب ڪري.

5. پنجاب حڪومت سميت(جنهن ۾ پڻ پ پ ۽ نواز ليگ گڏ ويٺل آهن) چئني صوبن جي حڪومتن کي اين ايف سي ايوارڊ بابت جلد فيصلو ڪري، وفاق سان رجوع ڪرڻ گهرجي ۽ ان تي زور ڀرڻ گهرجي ته اها ان جو جلد اعلان ڪري. نه وسارڻ کپي ته عوام اسان ۾ بي پناهه اميدون رکيو ويٺو آهي. ناڻي وارو معاملو سنڌ جي 5 ڪروڙ عوام جي خوشحالي، ترقي، روزگار ۽ فلاح و بهبود سان لاڳاپيل آهي. ان ڪري ان کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. هن وقت عوام جون 09-2008ع جي بجيٽ تي نظرون کتل آهن. ان ڪري اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان ڪرائي، سنڌ حڪومت پنهنجن ماڻهن جي مسئلن جي حل ۾ زبردست اڳڀرائي ڪري سگهي ٿي، جنهن سان پ پ پ جي ڪيل واعدن کي پاڻي به ملندو، ته  ماڻهن کي ريليف به ملندو.

alwani@cyber.net.pk