|
ملڪي معاملن ۾ آمريڪي دلچسپيءَ ۽ مداخلت جو اصل پسمنظر ڊاڪٽر مسرت خواجه
1995ع ۾ لاطيني آمريڪا جي ملڪ ڪولمبيا جي صدر ارنسٽو سيمپر جي حڪومت گوريلا ڪارروائين، ڊرگ مافيا ۽ اغوائن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي ۽ صدر تي اهو الزام لڳو هو ته هو منشيات واري ڪاروبار ۾ ملوث آهي. ڪولمبيا مان اسي سيڪڙو ڪوڪين ۽ سٺ سيڪڙو هيروئن آمريڪا ۽ ڀر وارن ملڪن ڏانهن اسمگلنگ ڪئي وڃي ٿي. آمريڪا دنيا ۾ سڀني ملڪن کان وڌيڪ نشو واپرائي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو 97-1996ع ۾ آمريڪا، ڪولمبيا کي ڊرگ ڪرپشن ايڪٽ تحت بليڪ لسٽ قرار ڏنو هو. ستر جي ڏهاڪي دوران آمريڪا چيو هو ته”آمريڪا لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه ڪميونزم جو ڦهلاءُ نه آهي، پر نشي وارين شين جي اسمگلنگ آهي.“ ڪولمبيا ۾ اڄ به ساڳيون حالتون آهن ۽ موجوده صدر الوارو يورائيب گوريلا ڪارروائين، ڊرگ مافيا ۽ سياستدانن جي اغوا ۾ ملوث ڏوهاري گروهن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. اڃا تازو ئي ڪولمبيا جي عورت سياستدان بيٽن ڪورٽ کي گوريلن طرفان يرغمال بڻايو ويو آهي. حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها به آهي ته جيڪڏهن ڪجهه سياسي ڌريون ڪولمبيا جي حڪومت ۽ ڊرگ مافيا وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ته آمريڪا ان جي مخالفت ٿو ڪري. انهيءَ ساڳئي ملڪ ۾ دنيا جو هڪ عظيم ليکڪ گئبريل گارشيا مارڪئز به پيدا ٿيو. عوام کي سجاڳ ڪندڙ لکڻين سبب کيس 1981ع ۾ ڪولمبيا مان ڀڄڻو پيو ۽ 1982ع ۾ نوبل پيس پرائيز حاصل ڪيائين. هو پنهنجي لکڻين ۾ ڊرگ مافيا جي ڪردار تي تفصيلي روشني وجهڻ سان گڏ مٿس تنقيد به ڪندو رهيو آهي. جيڪڏهن غور ڪنداسين ته اڄوڪي پاڪستان جون حالتون به گهڻي ڀاڱي ڪولمبيا سان ملندڙ جلندڙ آهن. اسي جي ڏهاڪي ۾ ڪميونزم جي شڪست کان پوءِ جڏهن طالبان جي آمريڪا کي ضرورت نه رهي ته هنن پنهنجو پاڻ کي افغانستان ۽ قبائلي علائقن ۾ مضبوط ڪيو ۽ سندن مضبوطيءَ پٺيان ملڪ جون طاقتور ڌرين جو هٿ رهيو، پر هن دفعي راند جا طور طريقا تبديل ٿيل هئا. اڳي طالبان روس خلاف آمريڪا جا اتحادي هئا ته هن ڀيري آمريڪا خلاف محاذ آرائيءَ لاءِ تيار هئا. ضياءُ الحق جي دور ۾ هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر وڌيو، جنهن نوجوان نسل کي ذهني ۽ جسماني طور تباهه ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو ملڪ امن جو گهوارو هو، اهو بمن ۽ ڌماڪن سان گونجڻ لڳو. هڪ ٻيو دور يارهين سيٽمپر کان پوءِ شروع ٿيو، جنهن ملڪ جي سياسي ۽ معاشي حالتن کي بلڪل تبديل ڪري ڇڏيو. ظاهر طور تي اسان آمريڪا جا اتحادي آهيون، پر آمريڪا کي اسان تي اعتبار ناهي ۽ هر ڀيري اهي الزام لڳائن ٿا ته پاڪستان طالبان ۽ القاعده جي رهائشگاهه آهي. جيڪڏهن ڪجهه ڌريون ڪولمبيا وانگر قبائلي سردارن ۽ حڪومت وچ ۾ ڪو ٺاهه ڪرائڻ چاهين ٿيون ته آمريڪا سرڪار اعتراض کڻي بيهي ٿي رهي. ماضيءَ ۾ به هڪ ٺاهه حڪومت ۽ اتر وزيرستان جي قبائلي ويڙهاڪن وچ ۾ ٿيو هو، جنهن تي به ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ تازين ڪوشش تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي. آخر اها ڪهڙي حڪمت عملي آهي، جنهن تحت آمريڪا ويڙهاڪن کان هٿيار ڦٽي ڪرائي، انهن کي پر امن زندگيءَ گذارڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي؟ جيڪڏهن کيس اها خبر آهي ته سڀ کان وڌيڪ نشي آور شيون ڪولمبيا کان اسمگل ڪيون وڃن ٿيون ته پوءِ اتي حڪومت ۽ ڊرگ مافيا جي ڳالهين تي سندس اعتراض جو ڪهڙو سبب آهي؟ يا وري جيڪڏهن کيس اها ڄاڻ آهي ته يورپ يا آمريڪا ۾ انتهاپسنديءَ جون ڪارروائيون پاڪستان مان ٿين ٿيون ته پوءِ طالبانن ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ ٺاهه تي ناراضگي ڇو پئي ظاهر ڪئي وڃي؟ درحقيقت انهيءَ پويان ڪي ٻيون ڳجهارتون آهن، جن جي پلاننگ آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ ڪيترا ئي سال اڳ ڪندي رهي آهي ۽ هاڻ وڃي آهستي آهستي ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچڻ لڳي آهي. گارشيا مارڪيز جي تنقيدي لکڻين ڪري ايترو ضرور ٿيو آهي ته لاطيني آمريڪا جا ملڪ جمهوري سفر لاءِ تيار ٿي چڪا آهن، جنهن جو مثال وينزويلا جو صدر هيوگو شاويز آهي، جنهن تازو سندس حڪومتي پاليسين خلاف عوام طرفان ريفرنڊم کي قبول ڪيو ۽ پنهنجي شڪست تسليم ڪئي، پر ساڳئي وقت هن معاشي محاذ تي پڻ ڪئين ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پاڪستان جي ميڊيا به حڪومت کي سچ جو آئينو ته ڏيکاريو آهي، پر حڪومت آئيني ڏسڻ کان پوءِ به ڪا معاشي بهتري نه آڻي سگهي آهي. معاشي حالتن جي خرابيءَ جي سموري ذميواري مشرف جي اٺن سالن واري حڪومتي دور مٿان وڌي وڃي ٿي. هن وقت ملڪ جي معاشي حالت خراب آهي ۽ اها حالت هٿرادو نموني خراب ڪئي وئي آهي. بين الاقوامي رانديگر وڏي ڪاريگريءَ سان سياسي ۽ معاشي حالتن کي خراب ڪري رهيا آهن. بقول لينن جي ته ”ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻ جو بهترين طريقو سندس سڪي کي بگاڙڻ يا ڪيرائڻ آهي.“ اسان وٽ به ايئن ئي ٿيو آهي، جتي سياسي عدم استحڪام سان گڏوگڏ مهانگائيءَ کي چوٽ چاڙهيو ويو آهي ۽ پئسي جو ملهه بلڪل ڪيرايو ويو آهي. غريب ماڻهو راتيون لنگهڻ تي گذاري رهيا آهن ۽ ملڪ جي ڪرنسي روز بروز ڪرندي پئي وڃي. اها ڪرنسي انهيءَ ڪري به ڪيرائي پئي وڃي، ڇو ته بين الاقوامي کيڏاري ان سان پنهنجا وڌيڪ مطالبا مڃرائي سگهن ٿا. هونئن اها ڳالهه به مڃڻ ۾ ڪو حرج ناهي ته اسان شروع کان وٺي آمريڪا جي چوڻ آکڻ ۾ رهيا آهيون ۽ ڊڪٽيشن به وٺندا رهيا آهيون. جن عظيم رهنمائن ڊڪٽيشن نه ورتي، اهي تخته دار تي ٽنگيا ويا يا گولين ۽ بمن جو کاڄ بڻجي ويا. پاڪستان جي اندروني معاشي ۽ سياسي معاملن ۾ آمريڪا جو سڌو هٿ رهيو آهي ۽ نان سويلين دور ته هنن لاءِ آئيڊيل دور رهيو آهي، پر جڏهن تازو نئين حڪومت وجود ۾ آئي ته پهرئين ڏينهن کان وٺي نيگرو پونٽي ۽ رچرڊ بائوچر سياسي ۽ حڪومتي ڌرين سان معاملا درست ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ نئين قيادت کي ڊڪٽيشن ڏيندي نظر آيا. اها ڊڪٽيشن انهيءَ ڪري به ڏني پئي وڃي، جو آمريڪا جي پاڪستان ۾ بلين ڊالرن جي سيڙپ ٿيل آهي. ظاهري طور تي اها سيڙپڪاري انتهاپسنديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، پر اصل مسئلو ائٽمي اثاثن جو آهي. ٻئي طرف جيڪڏهن آمريڪا ڪولمبيا يا پاڪستان ۾ دهشتگردن، انتهاپسندن يا ڊرگ مافيا جي ايجنٽن سان نٿو ڳالهائي ته انهيءَ ۾ سندس ئي فائدو آهي. ڇو ته ڪولمبيا ۾ حڪومت ۽ ڊرگ مافيا وچ ۾ جيڪڏهن ڪو امن معاهدو ٿئي ٿو ته آمريڪا لاءِ اهو مشڪل هوندو ته هو وينزويلا جي تيل جي کوهن تي قبضو ڪري سگهي. پاڪستان ۾ امن معاهدي جي ان ڪري به مخالفت ڪئي پئي وڃي، جيئن انتهاپسنديءَ جو جواز ختم نه ٿئي ۽ وقت اچڻ تي ان کي بهانو بڻائي، ائٽمي اثاثن تي ڪنٽرول حاصل ڪيو وڃي يا گوادر واري پٽيءَ کي استعمال ڪري، سينٽرل ايشيا ۾ موجود تيل جي کوهن تائين رسائي حاصل ڪئي وڃي. بهرحال اها ڳالهه گهڻيءَ حد تائين واضح ٿي چڪي آهي ته آمريڪا کي هاڻي صدر پرويز مشرف جي ضرورت ناهي رهي. جيڪڏهن هو ان جي حمايت به ڪري ٿو، تڏهن به اها صرف اخباري بيانن ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي وضاحتن تائين محدود آهي. هن کي نئين سياسي يا معاشي افراتفريءَ ۾ به وردي ئي وڌيڪ مرعوب ڪري ٿي. ايوب خان، يحيٰ، ضياءُالحق ۽ پرويز مشرف سان به ان جو پيار ورديءَ جي ڪري ئي هو ۽ جيڪڏهن اهو موجوده ورديءَ واري قيادت ڏانهن منتقل ٿئي ٿو ته ان جو سبب به ساڳيو ئي هوندو، جنهن کي تازو ٽائيم مئگزين جي هڪ سروي ۾ دنيا جي هڪ سئو بااثر شخصيتن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ نئين جمهوري حڪومت جي قيام ۾ به هن جي ڪردار کي ساراهيو ويو آهي ۽ ڪجهه ميڊيا هن کي ”هيرو“ ڪري به پيش ڪيو آهي. پاڪستان جي ماڻهن جي به اها ئي دعا آهي ته شال جنرل اشفاق پرويز ڪياني ”هيرو“ ئي رهي، ”فرشتو“ نه ٿئي. ڇو ته فرشتن ملڪ کي سٺ سالن دوران سياسي ۽ معاشي طور تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي ۽ انهن جي دورن ۾ ڊرگ مافيا، انتهاپسندي، مهانگائي، خودڪش حملا، پيمرا آرڊيننس جهڙا معاملا پيدا ٿيندا رهيا آهن، جنهن جو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح ذميوار آمريڪا ئي آهي. drmussarat_hussain@hotmail.com |