”گلاب“ مان ”گلزار“ بڻجڻ تائين!  

محمد حنيف لاشاري

                هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن فقير مهدي سائين گهڻو ڪري راڻيپور ڀرسان رهندا هئا، جتي سندس مريدن جو خاصو تعداد به  آهي. هونئن ته سڄي سنڌ ۾ مهدي سائين جي مريدن جو سلسلو آهي، پر سندن دل گهريا مريد هنڱورجن ۽ راڻيپور ۾ هوندا هئا/آهن. اڄ به فقير مهدي سائين جا اتي تڪيا موجود آهن. راڻيپور جي ئي ڳوٺ ۾ هڪ شخص محمد مراد دايو به رهندو هو، جيڪو يڪتاري تي ڳائيندو هو ۽ فقير مهدي سائين جي خاص مريدن منجهان هو. فقير مراد کي، مهدي سائين جي دعا سان هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو گلاب رکيائين، ننڍڙو گلاب پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي والد سان گڏ فقير مهدي سائين جي حاضري ۾ رهڻ لڳو ۽ ٿورو گهڻو والد صاحب سان گڏ ڳائڻ به شروع ڪيائين. هي ننڍڙو گلاب جهڙو نالو هوس، اوترو ئي حسين هو. ائين ٻالڪپڻ کان پنهنجي والد سان گڏ فقير مهدي سائين جي حاضري ڀريندو رهيو. شعور واري عمر تائين پهچڻ کانپوءِ گلاب راڳ جي سکيا لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ماسٽر مهر علي نالي هڪ فنڪار وٽ پهتو. ماسٽر مهر علي  گلاب دايي جو شوق ڏسي کيس، دل سان سيکارڻ شروع ڪيو ۽ هي ڇوڪرو گلاب وقتن بوقتن واندڪائي ۾ فقيرمهدي سائين جي به حاضري ڀريندو رهيو.

                ان دور کان ٿورو اڳ استاد جمال خان گويو به، فقير مهدي سائين جو طالب ٿيو، استاد جمال خان سان به سندس ننڍڙو پٽ محمد خان به گڏجي مهدي سائين جي حاضري تي ايندو هو. استاد جمال خان ته برصغير جو وڏو گويو هو، کيس  راڳ جي مڙني صنفن تي عبور حاصل هو ۽ گواليار گهراڻي سان ئي سندس تعلق هو. استاد جمال، جو، پٽ محمد خان به ننڍي هوندي کان سٺو ڳائيندو هو، هڪڙي ڏينهن استاد جمال خان ۽ سندس پٽ محمد خان فقير مهندي سائين وٽ ڳائڻ آيا، رات جو راڳ شروع ٿيو، ان وقت ننڍڙو محمد خان وڏي تياري سان پنهنجي والد جمال خان سان گڏ ڳائي رهيو هو. ڪنهن وقت مهدي سائين کي ننڍي محمد خان جو ڳائڻ ايڏو پسندو آيو، جو مٿي نگاهه کڻي محمد خان کي سڏ ڪري، پنهنجي ڀر ۾ ويهاريائون ۽ دعا ڪندي چيائون ته” اڄ کانپوءِ تون ڪامياب آهين، تنهنجو نالو محمد خان نه پر منظور علي خان آهي ۽ تون منظور ٿي وئين“. ڪچهري ۾ ويٺل سڄي محفل حيران رهجي وئي ۽ پوءِ واقعي دنيا ڏٺو ته منظور علي خان جو نالو جهر جهنگ تائين پکڙجي ويو. استاد منظور علي جو والد، استاد جمال خان موسيقي جي صنف ”ٽپو“ڳائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو ۽ اها صنف پنهنجي پٽ منظور علي خان کي به ڳائڻ سيکاريائين، ائين سڄي گواليار خاندان ۾ سواءِ استاد منظور علي خان يا ان جي شاگرد کانسواءِ ٻيو ڪو به اها نٿو ڳائي سگهي.

                ڪجهه سالن کانپوءِ مظور علي خان فقير مهدي سائين جي خدمت ۾ حاضر هو ۽ گلاب به ان محفل ۾ موجود هو ۽ منظور علي خان ڳائي رهيو هو ته، ڪنهن وقت فقير مهدي سائين موج ۾ اچي ويا ۽ منظور علي خان کي پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ چيائون ۽ گلاب دائي کي به ويجهو اچڻ جي چيائون، پوءِ گلاب جو هٿ وٺي منظور علي خان جي هٿ ۾ ڏيندي چيائون ته” هي گلاب نه پر اڄ کان گلزار علي خان آهي ۽ هن کي تون شاگردي ۾ وٺ“.  فقير مهدي جو  حڪم ٿيو، پوءِ ائين اهي ٻه نوجوان محمد خان مان، منظور علي خان ۽ گلاب مان گلزار علي خان سائين فقير مهدي سائين جي دعا سان ٿيا. استاد منظور علي خان جا ته سوين شاگرد آهن ۽ انهن دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي، پر گلزار علي خان پنهنجو مٽ پاڻ هو، آواز جي شائستگي، صحيح راڳ جي ڇيڙ خاني ”تال“ تي عبور، راڳ به هر ٽائيم جو ياد ۽ صحيح ڳائڻ جيڪو هر ڪنهن فنڪار جي وس ۾ ڪونهي. پلٽو، دياٽ، مهر کنڊ يعني هر صنف ڳائڻ تي استاد گلزار کي مهارت حاصل هئي. جهڙو هو راڳي سٺو هو اهڙو ئي استاد به سٺو هو، تمام ڏکيا راڳ به آساني سان منٽن ۾ سمجهائيندو هو. طبيعت ۾ فقيري، نماڻائپ ۽ سادگي هوندي هئس. هر نشي ۽ برائي کان پري رهندو هو.

                شاستري سنگيت تي کيس عبور حاصل هو. ”72“ ٺاٺن جا راڳ جن کي مشر ميل چيو ويندو آهي، اهي کيس ياد هوندا هئا شروع ۾ ”72“ ٺاٺ هئا، پوءِ ”پنڊت ڀات کنڊي“ 72 مان 10 ٺاٺ ڪيا. انهن جي جيڪڏهن ماڻهون ٿيوري ۾ ويندو ته، پريڪٽيڪل نه ڪري سگهندو ۽ وري جيڪڏهن پريڪٽيڪل جي اڻت ڪئي وئي ته ٿيوري ياد نه رهندي. وضاحت نٿي ٿي سگهي، جيڪڏهن ڪنهن وضاحت ڪئ ته به مختصر ڪري سگهندو، پر کولي نه سمجهائي سگهندو ته ڪهڙو راڳ آهي. هن جو وادي سموادي ڇا آهي، چالو ڇا آهي، خاص ٺاٺ ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙن سرن تي بيهڻ سان سندس شڪل ٺهندي؟ مطلب ته استاد گلزار علي خان هڪ مڪمل گويو هو. جيتري ٿيوري ياد هيس، اوترو ئي پريڪٽيڪل به مهارت سان ڪندا هئا. استاد گلزار علي خان کي ايتري زندگي ۾ موٽ نه ملي جيترو هو، راڳ جو ڄاڻو هو. استاد گلزار علي خان 22 سيپٽمبر 1999ع ۾ هن فاني جهان کي الوداع چئي ويو. اسان جي حڪومت کي اهڙن انمول هيرن کي ياد رکڻ گهرجي، سندن نالي تي ادارا قائم ڪرڻ گهرجن ته جيئن اسان جي ايندڙ نسلن کي پنهنجي هيرن بابت ڄاڻ ملي سگهي.