قمبر (ن ڪ) |
|
گهوڙا ٻاري جي آبادگارن جو نصير واهه ۾ پاڻي اڻهوند خلاف ڌرڻو ٺٽو(ن ڪ) گهوڙاٻاري جي ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن نصيرواهه ۾ 6 مهينن کان پاڻي جي کوٽ خلاف ٺٽو شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين الهڏنو چاڙو، صديق چاڙو، رمضان ۽ ميهار ڪاتيار جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو به هنيو، جنهن سبب ٻن ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ٿي ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نصير واهه ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب فصل تباهه ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته نصير واهه جي 8 آرڊي وٽ بااثر ماڻهو دروازا بند ڪري ويٺا آهن، جنهن سبب آبادگارن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نصير واهه جا دروازا کولرائي پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.
|