ڪنري (ن ڪ)

ڪاوش کي وڌائي 12صفحا ڪرڻ، هفتي ۾4 ايڊيشن ڪڍڻ ۽ ماهوار مئگزين ڪڍيو وڃي:فورم ۾ راءِ

لاڙڪاڻو: روزانه ڪاوش جي 18 هين سالگرهه جي موقعي تي عبداللطيف نظاماڻي ليبر هال ۾ ٿيل فورم دوران فورم ۾ شريڪ ٿيندڙن پاران تجويزون ڏنيون ويون ته روزانه ڪاوش جي پيجن ۾ اضافو ڪري گهٽ ۾ گهٽ 12 پيج ڪيا وڃن ته جيئن زراعت، ڪاٽيج انڊسٽري، صحت، تعليم ۽ ادب سميت مختلف شعبن ۾ ڀرپور ڪوريج ڏئي سگهجي، ان موقعي تي تجويز ڏني ته روزانو ڪاوش ماضيءَ جيان هفتيوار يا ماهوار مئگزين شروع ڪيو وڃي ۽ ڪاوش پبليڪيشن طرفان ماضيءَ ۾ علي قاضي پاران شروع ڪيل موضوع ”نيٺ ڇا ڪجي“ بابت شايع ٿيل مواد کي ڪتابي شڪل ڏني وڃي ۽ هر مهيني ڪاوش جي مواد تي ٻڌل هڪ ڪتاب به مارڪيٽ ۾ اچڻ گهرجي. ڪاوش ۾ ڪاروڪاري، پريمي جوڙن کي گهٽ هائيلائيٽ ڪري زراعت، صنعت کي وڌيڪ هائيلائيٽ ڪيو وڃي ۽ پيجن ۾ اضافو ڪيو وڃي. ڪاوش جا ايڊيشن گهٽ ۾ گهٽ هفتي جا 4 ڏينهن هجڻ گهرجن ته جيئن عورتن، ٻارن، مزدورن، واپارين، ملازمن جي مسئلن کي هائيلائيٽ ڪري سگهجي. روزانو ڪاوش اخبار نه پر وسيع ادارو بڻجي وئي آهي، ان ڪري پيجن ۾ لازمي اضافي ٿيڻ سان گڏ ادبي صفحي کي به شروع ڪيو وڃي ته جيئن ادبي کوٽ پوري ٿي سگهي.