رپورٽ:عبدالرحمان رند

فورم ۾ ڪاوش جي جاکوڙي ورڪرن کي جس ڏيڻ لاءِ هڪ منٽ تائين تاڙيون وڄايون ويون

لاڙڪاڻو:روزانو ڪاوش جي 18هين سالگرهه جي موقعي تي عبداللطيف نظاماڻي ليبر هال ۾ ٿيل فورم دوران لاڙڪاڻي جي مشهور اديب محمد علي پٺاڻ ڳالهائيندي چيو ته روزانو ڪاوش 18 سالن ۾ جيڪو سفر طئي ڪيو آهي ان ۾ ڪاوش جي ايڊيٽر علي قاضي سان گڏ سندس ٽيم  خاص طور لاڙڪاڻي ۾ بشير احمد چانڊيو ۽ هن وقت سندس فرزند عبدالڪريم عرف راجا چانڊيو جنهن نموني اخبار کي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ڪچي توڙي ڪاڇي جي ٻهراڙين وارن علائقن تائين پهچائڻ جو ڪمڪيو آهي، هو جس لهڻن، ان ڪري سندس مان ۾ هڪ منٽ تائين تاڙيون وڄايون وڃن، هن چيو ته رپورٽنگ جي حوالي سان لاڙڪاڻي ۾ ڪاوش جي بيورو چيف معشوق اوڍاڻو بنا ڪنهن دٻاءُ جي جيڪا 18 سالن تائين رپورٽنگ ڪئي ان جو اڳ توڙي هن وقت تائين ڪو مثال نه ٿو ملي، اسان جي دعا آهي ته هي اخبار عوامي ساٿ سان روز وڌندي رهندي.