لطيف يونيورسٽي جو چانسلر،وائيس چانسلر ۽ چيئرمين هائير ايجوڪيشن هاءِ ڪورٽ طلب

خيرپور(ن ڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر رجسٽرار شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، چيئرمين سليڪشن بورڊ، چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، چانسلر ۽ وائيس چانسلر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي کي 8 جولاءِ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ليڪچرار انور علي ڪٻر درخواست ڏئي ڄاڻايو  آهي ته هو گذريل 10 سالن کان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن فزڪس ۾ ايم فل ڪئي آهي، درخواست ڏيڻ جي باوجود يونيورسٽي انتظاميا هن کي پڪو ڪرڻ لاءِ انٽرويو لاءِ نه گهرايو آهي، عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڄاڻايل آفيسرن کي 8 جولاءِ تي عدالت ۾ پيش ٿي بيان ڏيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.