|
شهيد بينظير ڀٽو مڪمل ۽ عظيم عورت جو اعليٰ مثال هئي:توقير فاطمه لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ناليج سينٽر ۾ ليکڪ مختيار سمون جي ڪتاب ”عورت-حق، حيثيت ۽ تشدد“ جي مهورتي تقريب ٿي، جنهن ۾ صدارتي تقرير ڪندي عورتن جي ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير توقير فاطمه ڀٽو چيو ته نصابي ڪتابن ۾ عورتن جي حقن متعلق لکيل سبق شامل ڪيا وڃن، جتي عورتن تي تشدد ٿيندو ڏسون ته اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجو رد عمل ظاهر ڪيون ۽ ماڻهن کي عورتن جو احترام ڪرڻ تي مجبور ڪيون، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو عظيم ۽ مڪمل عورت جو اعليٰ مثال هئي، عورتن جي حقن تي ڪتاب لکڻ قابل تعريف عمل آهي، ان موقعي تي اقبال ڏيٿو، ڊاڪٽر سڪينه گاد، استاد گل محمد دايو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. |