رپورٽ: الطاف لاڙڪ

حيدرآباد ۾اٽي جو اگهه32رپيا ٿي ويو،اٽي چڪي مالڪن جا ڌرڻا

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر/ پڌرائي) حيدرآباد جي اٽي چڪي مالڪن ڪڻڪ جي ڪوٽا نه ملڻ تي خوراڪ کاتي خلاف ڪالهه شهباز بلڊنگ وٽ کاتي جي آفيس ۽ ميران محمد شاهه روڊ تي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا،  ان  موقعي تي آٽا چڪي اونرز ايسوسيئيشن جي صدر حاجي نواب صحافين کي  ٻڌايو ته حيدرآباد ضلعي اندر ڪڻڪ جي چرپر تي پابندي نه هجڻ باوجود ذخيره اندوزي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اسان  کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي سرڪاري اگهه کان 200 رپيا وڌيڪ ادا ڪري رهيا آهيون، جنهن سبب اگهه چوٽ چڙهي رهيا آهن، هن چيوته خوراڪ کاتي جيڪڏهن ڪوٽا موجب ڪڻڪ فراهم نه ڪئي ته اٽي جو اگهه 32 رپين کان به وڌي ويندو، هن مطالبو ڪيو ته خوراڪ کاتو  ترت ڪڻڪ ڪوٽا رليز ڪري، هوڏانهن ڪالهه شهر جي مختلف علائقن  ۾ اٽي جو اگهه 32 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو هو. هوڏانهن ڊي سي او علي احمد لنڊ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي پنهنجي ڪڻڪ جا ذخيره ظاهر ڪري مارڪيٽ ۾ آڻين، ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪالهه ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري مهم ۽ مارڪيٽ ۾ اٽي جي فراهمي لاءِ سڏايل گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊي سي او  فوڊ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ 20 هزار 5 سئو ٻوريون خريدڻ جي مقرر هدف جي ڀيٽ ۾ صرف 12 هزار 393 ٻوريون  خريد ڪرڻ تي پنهنجي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي خوراڪ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اهڙي حڪمت عملي تيار ڪن ته جيئن نه ته  ضلعي ۾ ڪڻڪ جي ڪا کوٽ ٿئي ۽ نه ئي وري مارڪيٽ ۾ اٽي جي گهٽتائي ٿئي، هن مارڪيٽ ۾ اٽي جي وڌيڪ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ڏس ۾ اصل حقيقتون  معلوم ڪرڻ لاءِ اي ڊي او روينيو برڪات احمد رضوي جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو اعلان ڪيو. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ  فوڊ آَفيسر صلاح الدين گڏجاڻي کي ٻڌايو ته موجوده وقت ۾ اٽي جي ڪا به کوٽ ناهي پر اهو خامين تي ٻڌل مارڪيٽ نظام جو نتيجو آهي، جنهن ڪري مارڪيٽ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، هن ٻڌايو ته حڪومت ڪڻڪ جي چرپر تي لڳايل پابندي کي ختم ڪرڻ لاءِ ويچاري رهي آهي، جنهن سان علائقن ۾ ڪڻڪ جي کپت موجب فراهمي ٿي سگهندي، اٽي جي کوٽ جو مسئلو هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو.