روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

ڳوٺ ملوڪوالي ڪهڙي صديءَ ۾ واقع آهي؟

                ڳوٺ ملوڪوالي گهوٽڪي ضلعي جي يونين ڪائونسل باگو ڊهو ۾ واقع آهي. اٽڪل پنج سئو گهرن تي مشتمل هي ڳوٺ اڄوڪي هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي،ڳوٺ ۾ نه ڪو پڪو رستو آهي، نه ڪو صحت سينٽر آهي ۽ نه ئي وري نيڪاسي جي نظام جي سهولت آهي. رستا پڪا نه هئڻ ڪري تازو پيل برسات جو پاڻي ڳوٺ جي ڪچن رستن تي بيٺل آهي،جنهنڪري اڄڪلهه ڳوٺ واسي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. ڳوٺ کي جيڪا بجلي جي نالي جي سهولت مليل آهي، اها پڻ ڪچين تارن تي آهي.خبر ناهي ته اڄوڪي هن جديد دور ۾ به هي ڳوٺ ڪهڙي صدي ۾ واقع آهي؟ سان هتان جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته جلد ڳوٺ لاءِ ڪا ترقياتي اسڪيم منظور ڪرائي ڳوٺ واسين کي سهولتون مهيا ڪيون وڃن.

غلام مصطفيٰ ڀٽو/گهوٽڪي

ٻهراڙي جي ليڊي ٽيچرس اميدوارن سان ٿيل ناانصافي

                جڏهن گذريل سال سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استادن جي خالي پيل جاين لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ اميدوارن کان سنڌ جي ساکائتي اداري آءِ بي اي سکر لکت وارو امتحان ورتو هو ته،ان وقت اهو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ 40 مارڪون کڻڻ جو شرط رکيو ويو هو، جنهن ۾ ويٺل پوڻا ٻه لک اميدوارن مان صرف پنجويهه هزار پاس ٿي سگهيا،انهن ۾ ٻهراڙي جو ڊوميسائل رکندڙ ڪافي ليڊي ٽيچرس اميدوار پڻ شامل هيون. جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي ته،انهن پاس اميدوران کي ان مان تمام گهڻيون اميدون هيون، شروع ۾ سنڌ جي نئين حڪومت جي تعليم واري وزير لکت وارو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کي آرڊر ڏيڻ جو واعدو ڪري انهن کي آٿت ڏني، پر وري جڏهن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ تعليم واري وزير پير مظهر الحق 60 مارڪن وارو شرط رکيو ته،ان سان 60 کان گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي تمام گهڻي مايوسي ٿي،اهي ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهن، پر اڃا تائين حڪومت سندن احتجاج جو ڪو نوٽيس ناهي ورتو. سنڌ جي تعليم واري وزير جي اهڙي فيصلي ۾ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي ليڊي ٽيچرس اميدوارن کي پڻ نظر انداز ڪيو ويو آهي.ٻهراڙي جي پٺتي پيل علائقن ۾ جتي ڇوڪرين جي تعليم حاصل ڪرڻ تي ڪيتريون رڪاوٽون  آهن،انهن کي گهران ٻاهر نٿو نڪرڻ ڏنو وڃي، تنهن هوندي به ڪن ڪن علائقن جون جيڪڏهن اٽي ۾ لوڻ برابر ڇوڪريون اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ۽ حڪومت انهن کي شهر جي جديد سهولتن واري تعليمي ماحول ۾ رهندڙ ڇوڪرين سان امتحان ۾ مقابلو ڪرائي ته،ان کان وڏي ٻئي انهن سان ڪهڙي ناانصافي ٿيندي؟ شهر جون ڇوڪريون، جيڪي ننڍي هوندي کان ئي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهنديون آهن ۽ ٽيوشن وٺنديون آهن، انهن سان ڪٿي ٿيون ٻهراڙي جي پٺتي پيل علائقن جون ڇوڪريون مقابلو ڪري سگهن؟! رڳو مٽياري ضلعي جو ئي مثال وٺون ته سڄي ڳالهه واضح ٿي ويندي،جتان ايڇ ايس ٽي لاءِ فقط هڪ، جي ايس ٽي لاءِ ٻه ۽ پي ايس ٽي لاءِ 10ليڊي ٽيچرس اميدوار پاس ٿي سگهيون.ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شهري ضلعن جون ليڊي ٽيچرس اميدوار ڪيتري انگ ۾ پاس ٿيون آهن ۽ ٻهراڙي جون ڪيتري انگ ۾.اسان سنڌ جي تعليم واري وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته، ليڊي ٽيچرس اميدوارن کي ٻهراڙي ۽ شهري ڪوٽا تحت آرڊر ڏنا وڃن.

عارفه جمالي/مٽياري

خوراڪ کاتي جي 93 چوڪيدارن کي پڪو ڪريو!

                وزيراعظم پاران ڪجهه وقت اڳ اعلان ڪيو ويو هو ته،ڪانٽريڪٽ تي ٻن سالن تائين ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪو ڪيو ويندو پر اڃان تائين ان اعلان تي عمل ناهي ٿي سگهيو، اسان 93 ڄڻا سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ 2004ع کان بطور چوڪيدار ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، پر اسان کي اڃا تائين پڪو ناهي ڪيو ويو. ان کان علاوهه مونسان ٻئي وڏي ناانصافي اها ٿي آهي ته، منهنجو والد جيڪو خوراڪ کاتي ۾ ڪلارڪ هو، اهو 2000–04–30 تي ڊيوٽي دوران گذاري ويو. مون کي بابا جي جاءِ تي خوراڪ کاتي ۾ نه پيو رکيو وڃي،حالانڪي منهنجا ڪاغذ وغيره پڻ جمع ٿيل آهن.آئون سنڌ جي خوراڪ واري وزير کي اپيل ٿو ڪريان ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

امتياز کوکر/نوابشاهه

ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتو مقرري جا آرڊر جاري ڪري

                هن کان وڌيڪ سنڌ جي اعليٰ تعليم يافته بيروزگارن سان ٻيو ڪهڙو ظلم ٿيندو،جو اهي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ به مقرري جا آرڊر ملڻ جي طويل انتظار جي سزا ڪاٽي رهيا آهن.ڪرمنل پراسيڪيوشن ۾ خالي پيل جاين لاءِ سنڌ پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪندڙ 162 اميدوار جن ۾اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر جا 146 ۽ اسسٽنٽ جنرل پراسيڪيوٽر جي 16 اميدوارن کي آفر ليٽر  2008-5-15 تي لاڳاپيل کاتي طرفان ڏنا ويا، جن اميدوارن کي آفر ليٽر مليا،انهن سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي سرٽيفڪيٽ وٺي کاتي کي جمع ڪرايا،ان بعد 7 ڏينهن کان 14 ڏينهن اندر قانوني طور کاتي کي مقرري جا آرڊر جاري ڪرڻا هوندا آهن، جيڪي اسان کي ٻه مهينا گذرڻ باوجود اڄ تائين ناهن ملي سگهيا.اسان سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته، اسان پاس اميدوارن سان انصاف ڪيو وڃي.

سيد قطب علي شاهه/حيدرآباد

خلقِ خدا جون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ به ڪجهه وقت ڪڍو!

                شاهه برهان روڊ بدين جي علائقي ۾ رهندڙ اڪثريت مزدور ۽ هاري طبقي جي آهي، چند گهر سرندي وارن جا به آهن، پر اهي سرندي وارا هن علائقي ۾ جهڙا آهن، تهڙا ناهن. انهن جي رهڻ جو هتان جي غريب طبقي کي ڪو فائدو ناهي.هتان جي اها اڪثريتي غريب آبادي جن تڪليفن کي هتي ڀوڳي رهي آهي، شڪايتون به اها ئي ڪري ٿي،باقي سرندي وارا ته، ائين آهن جيئن سنڌي ۾ چوڻي آهي ته” نه دشمن کي ڊپ ۽ نه سڄڻ کي آسرو“، باقي رهيا مزدور ۽ هاري اهي ڪڏهن صفائي نه ٿيڻ خلاف دانهون ٿا ڪن ته ڪڏهن وري علائقي ۾  ڇتن ڪتن جي تعداد ۾ اضافي جي شڪايت ڪندي ٻڌجن ٿا، پر سندن شڪايتون  چونڊيل نمائندن تائين يا ته پهچن نٿيون،جيڪڏهن پهچن ٿيون ته هو انهن جو ڪو نوٽيس نٿا وٺن.اسان هتان جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته ڪجهه وقت خلقِ خدا جي شڪايتن ٻڌڻ ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ به ڪڍو.

علي انور شاهه/بدين

اٺ مهينن جو رهيل پگهار ڏياريو!

                خيرپور ميرس جي گرلس ڪميونٽي ماڊل اسڪول جي ليڊي ٽيچرس جي مسئلن تي، خيرپور جي جڏهن نفيسه شاهه ضلعي ناطمه هئي ته، اها اڃا به ڌيان ڏيندي هئي ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون به وٺندي هئي پر هاڻ انهن ليڊي ٽيچرس جو معمولي پگهارن وارو مسئلو به حل نه پيو ٿئي.آگسٽ 2002ع ۾ نفيسا شاهه اسان کي مقرر ڪيو هو ۽ جون 2006ع ۾ اسان جو پگهار مستقل ڪيو ويو پر آڪٽوبر، نومبر 2004ع، فيبروري، مارچ، اپريل، مئي، جون 2005ع ۽ جون 2006ع جو ترتيبوار، جملي 8 مهينن جو پگهار گرلس پراجيڪٽ طرفان جاري ٿيڻ باوجود ڪجهه آفيسرن جي بي ڌياني سبب Lapse ٿي ويو، جيڪو  اڃا تائين ناهي ملي سگهيو.اسان سنڌ جي تعليم واري وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته،جلد رهيل پگهار ڏياريو وڃي.

نصرت بيگم مهراڻي/خيرپور ميرس

عام ماڻهن کي جانورن جي حقن جي آگاهي ڏني وڃي!

                اڄ جو انسان ڏينهون ڏينهن بي رحم ۽ احساسن کان خالي ٿيندو پيو وڃي. انسان جي ان بيرحمي جو جتي هڪ انسان هٿان ٻيو انسان شڪار ٿي رهيو آهي،اتي سندس ان ظلم جو شڪار وڻ، ٻوٽا ۽ جيت جڙا، پڻ ٿي رهيا آهن. انهن سڀني شين ۾ رحم جوڳي حالت جانورن جي آهي ۽ جانورن ۾ وري رولو ڪتن ۽ گڏهن جي آهي. توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته، گاڏن سان ٻڌل گڏهه ويچاري سان اڄ جو انسان ڪهڙي ويڌن پيو ڪري، ان ۾ جيتري وزن کڻڻ جي ست ڪونهي اهو وزن به کيس لٺيون هڻي کڻايو وڃي ٿو،ان کان علاوهه گاڏن ۾ وهندڙ  اڌ کان وڌيڪ گڏهه توهان کي زخمي حالت ۾ ملندا. انهن کي نائيلون جا رسا ۽ آرٿر ٻڌڻ ڪري  ڦٽن مان رت وهندو رهي ٿو. انهن جي ان حال تي اڄ جي انسان کي ڪو رحم نٿو اچي. ڀلي بک ۽ اڃ جي ڪري گڏهه ڪهڙي به ڪمزور حالت ۾ هجي، پر ان جي پٺن تي ڳرو بار رکي کيس وڏين وڏين پلن تان گذاريو وڃي ٿو.پنج رپين جي اضافي لالچ خاطر هڪ ئي ڌڪ ۾ 15 کان 20 ٻوريون کنيون وينديون آهن،جڏهن ته اهو ناهي ڏٺو ويندو ته صبوح کان وٺي گڏهن ڪجهه کاڌو به آهي يا نه؟ اسان حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته جانورن جي حقن بابت ڪجهه عام ماڻهن کي آگاهي ڏني وڃي ۽ قانون سازي پڻ ڪئي وڃي. ان کانپوءِ به جيڪڏهن ڪير جانورن سان ظلم ڪري ٿو ته ان کي سخت سزا ڏني وڃي.

عبدالعزيز بلوچ/نيو سعيد آباد

ازي لوڊ وارن جي پارت اٿئو

                جيئن ته هي جديد دور آهي،هن صدي کي ٽئڪنالاجي جي صدي جو نالو ڏنو ويو آهي،هن وقت ماڻهو هڪٻئي سان هر وقت رابطي ۾ رهڻ چاهي ٿو پوءِ ڀلي کڻي اهو دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ رهندو هجي. موبائيل فون جي سهولت هجڻ ڪري اسان جي ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ عوام کي موبائيل فون جي سروس ملي رهي آهي. هر ننڍي وڏي شهر ۾ موبائيل فون جي دڪانن ۽ ازي لوڊ ۽ ڪارڊ وڪرو ٿيندڙ هنڌن تي رش لڳي رهي ٿي. خاص طور تي ازي لوڊ وارن وٽ تمام گهڻي رش نظر ايندي آهي، ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي ته، اتان ڏهه رپين تائين بئلنس ملي وڃي ٿو ۽ ان سهولت مان هر غريب ماڻهو فائدو وٺي سگهي ٿو. حڪومت ۽ ڪمپنين پاران ازي لوڊ تي اٽي ۾ لوڻ برابر منافعو ڏنو وڃي ٿو، جيڪو هن مهانگائي جي دور ۾ صاريفن سان تمام وڏو ظلم آهي. ازي لوڊ تي ملڪ ۾ سروس ڏيندڙ ڪمپنين پاران 3 کان 4 سيڪڙو منافعو ڏنو وڃي ٿو، جيڪو تمام گهٽ آهي. موجودهه حڪومت موبائيل فون جي ڪال تي جنرل سيلز ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو آهي، جيڪو پهريان 15 سيڪڙو هو ۽ هاڻي وڌائي 21 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، پر ازي لوڊ، جنهن سان لکين خاندانن جو روزگار لاڳاپيل آهي، ان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، جنهن تي پڻ ٽيڪس وڌائڻ گهربو هو ته جيئن موبائيل ڪمپنين پاران وڪرو ٿيندڙ ڪارڊن ۽ ايزي لوڊ تي ساڳيو منافعو ملي سگهي ها. جڏهن ته ڪارڊن جي سپلاءِ ۽ وڪري ڪرڻ ۽ ڪارڊن جي ٺاهڻ تي موبائيل ڪمپنين جو 10 سيڪڙو کان به گهٽ خرچ ايندو هوندو، پر ازي لوڊ صرف ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ذريعي موبائيل فون تائين پهچي ٿو، جنهن تي ڪو به خرچ نٿو لڳي، ان هوندي به ڪارڊن ۽ ازي لوڊ جو منافعو ساڳيو رکڻ سراسر ناجائزي آهي. موبائيل ڪمپنيون پنهنجي مشهوري لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿيون پر  ازي لوڊ وارن لاءِ ڪا سهولت ناهي.

امير بخش پنهور/عمرڪوٽ

هن سال به مفت وارا ڪتاب دير سان ملندا!

                خبرون آهن ته،سنڌ جي 16 ضلعن ۾ اڃا تائين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا ڪتاب نه رسيا آهن،جڏهن ته اڄ کان نئون تعليمي سال شرع ٿي چڪو آهي.هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو اها بد انتظامي ٿئي هجي پر هن کان اڳ به تقريبن هر سال ائين ئي ٿيندو رهيو آهي. حڪومت پاران ”ڪتاب مفت“ ۽ ”تعليم سڀني لاءِ“ واري نعرا ته هنيا وڃن ٿا ۽ تعليم جي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ دعوائون ته ڪيو وڃن ٿيون پر اهڙين ڪوتاهين تي نظر نٿي وڌي وڃي،جن سان شاگردن جي تعليم متاثر ٿيندي.سنڌ جي تعليم کاتي پاران اڃان تائين ان معاملي جو ڪو نوٽيس ناهي ورتو ويو جڏهن ته،سنڌ جو تعليم وارو وزير پير مظهرالحق اها دعوا ڪندو رهيو آهي ته،سندس دور ۾ ماضي جيان ڪوتاهيون نه ٿينديون پر هي جيڪي خبرون اچي رهيون آهن اهي ڇاٿيون ظاهر ڪن؟اسان سنڌ جي تعليم واري وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته،سنڌ جي جن سورهن ضلعن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري جا ڇپايل ڪتاب اڃا نه پهتا آهن،انهن جي ڄاڻايل ضلعن ۾ دستيابي ممڪن بنائي پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪندڙ تعليم کاتي جي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته،آخر ماضي جيان هن ڀيري به ڪتاب دير سان پهچائڻ وارو عمل ڇو دهرايو ويو؟ هر سال اها بد انتظامي ڇو ٿي ٿئي ان جي هاڻ ضرور جاچ ٿيڻ گهرجي.

اشوڪ ڪمار/ٿر پارڪر

سنڌ جي ساحلي پٽي جا آبادگار ڪهڙي حال ۾ آهن؟

                بدين ۽ ٺٽو سنڌ جي ساحلي علائقي واري سڃاڻپ طور مشهور آهن،بدين کي قدرتي آفتن جي حوالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو،جوڪجهه سال اڳ بدين ۾ تمام وڏو سامونڊي طوفان آيو هو،جيڪو ڪيترن ئي انسانن جون جانيون ڳڙڪائي ويو.درياءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ جو پاڻي سنڌ جي ساحلي علائقن جي ٻني ڳڙڪائيندو پيو وڃي.ماهرن انديشو ظاهر ڪيو آهي ته،اهو سيلاب ٽنڊي محمد خان تائين پهچي ويو آهي، مطلب ته اچي حيدرآباد کي ويجهو ٿيو آهي. هينئر سارين جي مند آهي ۽ پاڻي به آهي، پر ان هوندي به هنن علائقن جا اڌو اڌ آبادگارن ساريون ناهن پوکيون. انهيءَ خوف کان ته متان پاڻي اڌ ۾ ختم ٿي وڃي، ٻيو ته زمين ۾ اها زرخيزي نه هجڻ ڪري پراڻي پيداوار به هاڻ نٿي ڏي، ٿورو وقت اڳ ۾ ڪڻڪ ختم ٿي، جنهن جي پيداوار به جيڪا سمجهي پئي وئي اها نه ملي سگهي، جيڪا ڪجهه ملي ته ان جي خريداري واپارين ڇهه سئو رپين ۾ ڪئي ۽ هاڻ وري اها ساڳي ڪڻڪ آبادگان کي 1200 رپين ۾ واپس وڪرو ڪئي پئي وڃي. هارين کي ته ان مان ڪا مزدوري نه ملي، جن راتين جو لنڊيون لتاڙي فصل جي ديک بحال ڪئي، پکين کان پنهنجو فصل بچايو. لاڙ زرعي پيداوار جي حوالي سان پهرئين کان بلڪل بدلجي چڪو آهي ۽ هاريءَ اڄڪلهه تمام ڏکين حالتن مان گذري رهيا آهن. بک بدحالي انهن جي گهرن ۾ لڏو لاهي اچي ويٺي آهي. انهيءَ سڄي صورتحال ۾ جي  حڪومت  جو ڪردار ڏسجي ته ائين لڳندو ته، اها چوي ٿي ته، توهان ڀلي بک مرو پر ڍل ۽ قرض ضرور جمع ڪرايو. صرف تپيدار کي ڏسو ته اهي ڍل وٺڻ لاءِ پوليس ساڻ وٺيو اچن، جي ڪنهن ڍل نه ڏني ته، پوليس ان کي ٿاڻي تي کنيو اچي ۽ وري جي ڪنهن زمين جي حصي تي پاڻي نٿو پهچي، ان لاءِ موٽر لڳائجي ٿو ته داروغو موٽر کڻايو وڃي يا ڪا وڏي فرمائش ٿو ڪري. ان ۾ ننڍا زميندار ويچارا هميشه ڏکين حالتن کي منهن ڏيندا رهن ٿا ۽ پاڻي ڪيترو موجود آهي، اها ڳالهه ڪنهن کان به ڳجهي ناهي.حڪومت جو فرض آهي پاڻي ڏيڻ ۽ پوءِ ڍل يا قرض جمع ڪرائڻ زميندار تي فرض ٿيو وڃي. جڏهن ته هن وقت پاڻي ملي ڪو نه، باقي سڀ فرض هارين ۽ زميندارن تي آهن. هن وقت ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي خرچ ۾ ئي هتان جا ذميندار ٻڌا ويٺا آهن. لاڙ جي انهن علائقن ۾ جتي غربت آهي، اتي ڏوهه وڌي رهيا آهن آهن ۽چون ٿا جنهن سماج ۾ ڏوهه وڌي وڃن، ته پڪ سمجهو اتي غربت وڌي وئي آهي ۽ ماڻهو هاڻ انهن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙا غلط رستا اختيار ڪري رهيا آهن.اسان هتي جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته هتان جي آبادگارن کي رليف ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. زرعي قرض ۽ ڍلون معاف ڪيون وڃن.

شمس قاسم جوڻيجو/بدين