روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

ثقافت کاتي اديبن کي ناهي وساريو

                24 نومبر 2008ع واري روزاني ڪاوش جي هائيڊ پارڪ ۾ دوست خطائي ٿيٻو جو ”مدهوش، زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي!“ جي عنوان سان هڪ خط شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سرموڙ شاعر احمد خان مدهوش جي ناساز طبيعت ۽ ثقافت کاتي جي عدم توجهيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان دوست خطائي ٿيٻو سميت سڄي سنڌ جي علم ادب سان چاهه رکندڙ ۽ احمد خان مدهوش جي مداحن آڏو عرض رکندس ته جيئن ئي احمد خان مدهوش جي طبيعت ناساز ٿي ۽ کيس حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ته آئون بحيثيت ڊائريڪٽر ڪلچر وٽس پهتس، سندس عيادت ڪئي ۽ کيس فوري طور تي دوا درمل لاءِ 25 هزار رپيا روڪ ڏنا، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سسئي پليجو وٽس عيادت لاءِ پهتي، جنهن نامياري شاعر احمد خان مدهوش کي وڌيڪ 25 هزار رپين جو چيڪ ڏنو، ان کانپوءِ احمد خان مدهوش صحتياب ٿي ڳوٺ روانو ٿيو ۽ اوچتو جڏهن سندس طبيعت جي ناسازي جي خبر پئي ته ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل مونس اياز شيخ ساڻس رابطو ڪيو ۽ کين فوري طور تي ڪراچي مان علاج ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ پوءِ گهر کان وٺي ڪراچيءَ جي مشهور ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي گردن جي اداري SUIT تائين پهچڻ ۽ ڊاڪٽر اديب رضويءَ کان ايمرجنسيءَ ۾ تپاس ڪرائڻ ۽ کيس وڌيڪ ٽيسٽن لاءِ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ تائين ساڻس رابطو ڪيو ۽ بعد ۾ ذاتي طور تي وٽس وڃي عيادت ڪئي. ان سڄي عرصي ۾ احمد خان مدهوش جي علاج جي حوالي سان فنڊن جي اڻهوند جو ذڪر ڪٿي به ناهي ڪيو ويو، تنهنڪري لکيل پڙهيل ۽ سلجهيل ماڻهن کي ان ڳالهه جو ته خود به احساس هئڻ گهرجي ته اهي حقيقتن جو جائزو وٺي پوءِ ئي ڪو رد عمل ظاهر ڪن.

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي