روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ تاريخ جي مختلف دورن ۾ غاصبن جي عتاب هيٺ رهي، لٽجي، تباهه ٿي، ساڙي وئي، پر اهڙي صورتحال ڪڏهن به پيدا نه ٿي جو سنڌ جو عوام پنهنجي ٻارن جي ڪفن لاءِ درد در ڀٽڪيو هجي، ٽي ڏينهن اڳ ڪاوش ۾ هڪ خبر شايع ٿي آهي ته حيدرآباد ۾ غربت سبب والدين پنهنجي فوت ٿيل ٻارڙي جي ڪفن لاءِ پئسا نه هئڻ سبب ايڌي سينٽر تي مدد لاءِ پهتا، جڏهن ته انهن والدين جو چوڻ آهي ته غربت سبب هو پنهنجي ٻارڙي جو علاج نه ڪرائي سگهيا ۽ هن وقت کيس دفن ڪرڻ لاءِ به هو پريشان آهن، ان ڇرڪائيندڙ خبر جتي پڙهندڙن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا آهن، اتي اهو پڻ سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته سنڌ جي اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ حڪومت عوام کي ڪهڙو رليف ڏئي سگهي آهي، اڳوڻي حڪومت ۾ سنڌ صوبي جي عوام کي ديوار سان لڳايو ويو، پر هن وقت به سنڌ جي عوام کي اڃا تائين ڪو رليف ملي ناهي سگھيو، آخر نظرانداز ڪرڻ جي به ڪا انتها هوندي آهي، پنهنجي تاريخ ۾ هي شاهوڪار سنڌ ايڏي مفلس ۽ بيوس ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آئي، جهڙي صورتحال هينئر سڀن جي سامهون آهي، ان کان وڌيڪ به ڪا بيوسي ٿي سگهي ٿي ته هڪ پيءُ پنهنجي ٻارڙي جي ڪفن لاءِ به پريشان هجي، ان صورتحال جو واضح سبب هڪ ئي آهي ته حد کان وڌيڪ مهانگائي غريبن جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي، مڃون ٿا ته ملڪ ۾ معاشي بحران سبب ملڪي ڪاروهنوار متاثر ٿيو آهي، پر ڇا ان کي ختم ڪرڻ لاءِ فقط غريبن کي ئي پيڙهيو ويندو؟ جيڪڏهن حڪومت تيل جا ڪجھه اگهه گھٽ ڪري سگھي ٿي ته پوءِ ڇو نه حڪومت غير ضروري مهانگائي تي ڪنٽرول کان قاصر آهي؟ ان ڇرڪائيندڙ واقعي کانپوءِ حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض ملڻ بعد ظاهري طور ڀلي سک جو ساهه کڻي پر حقيقت اها آهي ته سنڌ جي هن ڳنڀير صورتحال ۾ غريب ماڻهو لاءِ جيئڻ هڪ سوال بڻجي ويو آهي. تنهنڪري حڪومت کي گھرجي ته سرڪاري ادارن ۾ بهتري آڻڻ سان گڏوگڏ جلد غربت کي گھٽائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ اهڙن واقعن ۾ اڃا به اضافو ٿيندو، جنهن جا سماج تي تمام گھڻا ناڪاري اثر پوندا. جميل لاشاري/ميرپورخاص |