ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ) |
|
ڪي ٽي اين جون سوپ سيريلز ”پٿر دنيا“ ۽ ”ڪارا ڪڪر“ ڌماڪا ڪنديون ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ) ڪي ٽي اين جون سوپ سيريلز ”پٿر دنيا“ ۽ ”ڪارا ڪڪر“ ڌماڪو ڪنديون، نور زنئور جي قلم مان سرجيل سوپ سيريل ”پٿر دنيا“ جو ڊائريڪٽر ”خانو خر دماغ“ فيم عزيز سانگي آهي، جڏهن ته ادل گبول جي ڊائريڪشن ۾ تيار ٿيندڙ سوپ سيريل ”ڪارا ڪڪر“ جو اسڪرپٽ رائيٽر منظور ڪوهيار لکي رهيو آهي، پٿر دنيا ۽ ڪارا ڪڪر سيريلز جون ڪهاڻيون وڏيرڪي ظلم، عام ماڻهو جي اهنجن ۽ ايذائن کي فوڪس ڪن ٿيون، سوپ سيريل ”پٿر دنيا“ جي اڄوڪي قسط ۾ هٺيلو نوجوان رستم وڏيري موسيٰ خان تي حملو ڪري ٿو، هوڏانهن خيران جي ڌيءُ جنت وڏيري دلاور خان جي ڀاءُ حاڪم خان جي نوڪرياڻي طور ڪم شروع ڪندي، سوپ سيريل ”پٿر دنيا“ جي مک ڪاسٽ ۾ عزيز سانگي، يحيٰ ڀٽو، اختر کوکر، غلام نبي ڀنڊ، شبيران چنا، شمع سنڌي، نسرين ناز، ستار لاڙ، عبدالحسين ساريو، خادم کوکر ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ڪارا ڪڪر سوپ سيريل ۾ اڄ بشام جي سئوٽ حشام خان جي زندگي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي، هن سيريل جي ڪاسٽ ۾ زاهد صديقي، اسد قريشي، شهناز ڀٽي، رسول بخش ڏاهري، سرفراز پنهور، روبينه شريف، شمائلا علي ۽ ٻيا شامل آهن، ٻئي سيريلز هر هفتي اربع کان آچر تائين لاڳيتو پيش ٿي رهيون آهن.
|