روزانه ڪاوش

”زارا شو“ واري انداز ۽ گيٽ اپ کي ٻارڙا ڪاپي ڪندا آهن: زارا اشرف

ڪراچي(ڪلچرل رپورٽ) ڪي ٽي اين جي منفرد پروگرام زارا شو جي ميزبان زارا اشرف عباسي چيو آهي ته مون کي ”زارا شو“ وسيلي تمام گهڻي شهرت ملي آهي، ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته خاص طور ٻارڙا منهنجي گيٽ اپ ۽ گفتگو جي انداز کي ڪاپي ڪندا آهن، هن چيو ته آئون ذاتي زندگي ۾ ايتري ئي پراعتماد ڇوڪري آهيان، زارا چيو ته پروگرام سان گڏ پنهنجي پڙهائي لاءِ به وقت ڪڍي وٺندي آهيان.