روزانه ڪاوش

سنجو بابا پاران سياست جوگورک ڌنڌو شروع ڪرڻ جو اعلان

ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ اسٽار  سنجو بابا اداڪاري ۽ گلوڪاري کان پوءِ هاڻي سياست جو گورک ڌنڌو شروع ڪرڻ جو  اعلان ڪيو آهي،  هڪ  ڀارتي ٽي وي کي  ڏنل  انٽرويو ۾ هن وڌيڪ  چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پارٽي  کيس ٽڪيٽ ڏني ته  هو چونڊ وڙهڻ لاءِ تيار آهي، واضح رهي ته سنجو بابا جو والد سنيل دت ۽ ڀيڻ پريادت سياسي افق تي پنهنجا رنگ چٽي چڪا آهن.