|
ڪي ٽي اين جي ”پٿردنيا“ ۾ محبتي
ماڻهو دلاور ۽ حاڪم خان نوڪرياڻي سوني تان اٽڪي پيا
ڪراچي
(ڪلچرل رپورٽ) ڪي ٽي اين جي سپرهٽ سوپ سيريل ”پٿردنيا“ جو
محبتي ماڻهو دلاور خان ۽ حاڪم خان پاڻ ۾ وڙهي پيا، نوڪرياڻي
سوني جي معاملي تان ڀائرن ۾جهيڙو ٿيو، دلاور خان جي سالي طرفان
سوني کي اشارا ڪرڻ تي حاڪم خان کي چڙ لڳي، هوڏانهن گهر جو
ماحول خراب ڪندڙ سڪينه وري حاڪم خان کي گهران ڪڍرائڻ جو سوچي
ورتو، نور زنئور جي تحرير ڪيل سوپ سيريل ”پٿردنيا“ جو ڊائريڪٽر
عزيز سانگي آهي، جڏهن ته ”پٿر دنيا“ جي ڪاسٽ ۾ عزيز سانگي،
اختر کوکر، جبل خشڪ، وحيده ابڙو، يحيى ڀٽو، اعظم مينگل، غلام
نبي ڀنڊ ۽ ٻيا شامل آهن، سوپ سيريل جو ”پٿردنيا“ هر اربع کان
آچر تائين روزاني رات جو 8 وڳي پيش ٿي رهي آهي. |