روزانه ڪاوش

 

                بابا بلهي شاهه خود نچي اهل دل وارن لاءِ ناچ مروج ڪري ويو، هيما مالني ڀارتي نرت ڪري يا وري ناهيد صديقي، مهر رضوي، شيما ڪرماني، نگهت چوڌري جهڙيون اعليٰ پرفارمرز ناچ کي وڌيڪ آسان ۽ عام فهم بڻائي ڇڏيو آهي، ڪي ٽي اين جي گيتن ۾ ڊانس کي ضروري اهتمام سان ترجيح ڏني وئي آهي، پوءِ تازو ياسر شورو جي تازي گيت ”ڄاڻي ٿو مولا“ ۾ ڇا ته ياسر چيلهه ۽ ڪُلهن کي شيڪ ڪيو آهي، يا وري عباس گل اوڍاڻو ڊانس جي شروعات ڪئي يا وري حيدر قادري، ديو آنند وانگر ڪنڌ ۽ اکيون مچڪائي ڇا ته ڊانس ٿو ڪري، عباس گل اوڍاڻو جڏهن تڪ ڌنا ڌن تانانا تي ماڳهين گووندا ياد ڏياري ڇڏيو، وري آصف سيال جي گيت ”تنهنجي ڳورين ڳورين ٻانهن تي“ ۾ ياسر شورو ڏسندڙن کي ئي نچائي ڇڏيو، نجف علي جي ”چوڙين کان وٺي ماري وڌو تو جاني الاڙي الا“ تائين ڪي ٽي اين جي گيتن اهڙو ته رَچاءُ پيدا ڪيو جي ڏکن جي رسي سان ٻڌل سنڌي هڪ ڊگهو ساهه کڻي شازيه خشڪ واري حسينه پوپري تي بابا بلهي شاهه وانگر پنهنجي طبع کي پرچائڻ ۽ وندرائڻ لاءِ محو رقص ٿي ويا، ڪي ٽي اين جا شوز جڏهن سموري سنڌ ۾ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيندا آهن ته ماڻهو ڪي ٽي اين جي پروگرام کي پنهنجي گهر جو ڪاڄ سمجهي خوشيءَ وچان جهمريون هڻي عملي نعرو هڻندا آهن ته نچ يار نچ ته طبع مان وڏائي نڪري ۽ نوڙت جو نينهن بُلند ٿئي، ڪي ٽي اين جي موسيقي ۾ شاهه لطيف جي تنبوري جي تنوار به آهي، ته سچل سائين جي وحدت واري رنگ جي عڪاسي به، ناچ دل کي وندرائي ٿو، ناچ دل کي ريجهائي ٿو ۽ ڪي ٽي اين جي موسيقي ۾ ناچ موئن جي دڙي واري ناچڻي جي سونهن به سمايل آهي.