|
ڪنڌڪوٽ ۾ چاچي سونين والين جي لالچ ۾
گلن جهڙي معصوم ڀائٽيءَ کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ
(رپورٽ:مسعود سومرو) ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم ٻارڙي کي سندس چاچي سونين
والين جي لالچ ۾ بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار جي نشاندهي
تي لاش هٿ ڪيو ويو، وارثن جو ڌرڻو، رپورٽ موجب ڪنڌڪوٽ جي
گوليمار واري علائقي مان 3 ڏينهن اڳ گم ٿيل 5 سالن جي ٻارڙي
آسيه ڌيءُ غلام حسين چاچڙ کي سندس چاچي الهداد چاچڙ پاران
سونين والين جي لالچ ۾ وات ۾ ڪپڙو وجهي گهٽا ڏئي ۽ مٿي ۾ سرون
هڻي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو انڪشاف تڏهن ٿيو جڏهن
جوابدار ٻارڙي جون سونيون واليون وڪڻڻ لاءِ سوناري وٽ ويو، جتي
کيس هڪ ڳوٺاڻي ڏسي ورتو ۽ ٻارڙي جي مائٽن کي اهڙو اطلاع ڏنو،
جنهن بعد پوليس جوابدار کي دوست سميت گرفتار ڪري سندن نشاندهي
تي گوليمار ويجهو هندن جي شمشان گهاٽ (مسڻ) وٽان ٻارڙي جو لاش
هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي آئي، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر
پاران ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي پوسٽ مارٽم نه ڪرڻ
خلاف وارثن لاش رکي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، بعد ۾ ايم ايس جي
مداخلت تي ٻارڙي جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار
الهداد چاچڙ ۽سندس دوست لعل بخش سونين والين جي لالچ ۾ ٻارڙي
کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، ٻئي طرف واقعي جو ڪيس
مقتولا ٻارڙي جي والد غلام حسين جي فرياد تي الهداد چاچڙ، لعل
بخش ۽ شمن موچي خلاف داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن جوابدار الهداد
جو چوڻ آهي ته مون قرض لاهڻ لاءِ نينگري کي قتل ڪري سونيون
واليون ڪڍيون هيون. |