|
”زرعي يونيورسٽي جو وي سي هٽايو،يوريا ڀاڻ جي کوٽ ختم
ڪريو“:عوامي تحريڪ پاران مختلف شهرن ۾ مظاهرا،ڌرڻا
حيدرآباد(نمائندن وٽان/پ ر) عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڀاڻ جي
کوٽ ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وي سي کي هٽائڻ لاءِ ڏنل سڏ
تي حيدرآباد، قمبر، ٽنڊوالهيار، بدين، ميرواهه گورچاڻي ۽
گپچاڻي ۾ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾
مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد ۾ ڪارڪنن ڪالهه ٻئي ڏينهن به ميران
محمد شاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي وشنو مل، سجاد
احمد چانڊيو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي نظير قريشي گهر ڪئي ته زرعي
يونيورسٽي جي وي سي بشيراحمد شيخ کي هٽائي ڀاڻ کوٽ ختم ڪئي وڃي،
قمبر ۾ ڪارڪنن حسن چانڊيو، سرفراز ابڙو، نور محمد پنهور ۽
مارئي بلوچ جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍيو ويو، ٽنڊي الهيار ۾ اڪبر
مڱڻهار ۽ ڊاڪٽر سارنگ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو،
ميرواهه گورچاڻي ۾ ڪامريڊ ڪرڙ، شگن ڪولهي ۽ مير خان جي اڳواڻي
۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، هوڏانهن مقصودي رند کان گپچاڻي
تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي علي مردان کوسو، زاهد
گپچاڻي، اميرمغيري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، پڪا چانگ ۾ اسرار چانگ،
عبدالرزاق ۽ ساجد سنڌي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري
ڌرڻو هنيو ويو، هوڏانهن عوامي تحريڪ ٺٽي جي ضلعي صدر گل حسن
ڪيڙانو، بلاول لاشاري ۽ ٻين پ پ پاران ڳوٺ محمد خان سومرو جي
رهواسين کي انتقامي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪئي آهي. هوڏانهن
عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن عبدالقادر رانٽي ۽ سيد عالم شاهه
چيو آهي ته يوريا ڀاڻ سرڪاري سرپرستي ۾ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو
آهي، سرڪاري آفيسرن معرفت ڊيلرن بدران سرڪار جي ويجهن ماڻهن جي
بنگلن تي ڀاڻ پهچائي ساڍا ڇهه سئو بدران ساڍا 9 سئو رپيا في
ٻوري وڪرو ڪئي پئي وڃي، اهڙي ڪرپشن ۽ لاقانونيت سنڌ جي عوام جي
چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ اڳواڻن چيو ته ملڪي تاريخ
۾ پهريون دفعو ڀاڻ جو هٿرادو سخت بحران پيدا ڪري سنڌي عوام
خلاف سازش آهي. سنڌي عوام پرامن احتجاج ذريعي مشرف جي باقيات
جي عوام دشمن عملن خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري، هنن گهر
ڪئي ته ڪنهن ايماندار جج کان ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽ جي جاچ ڪرائي
ملوث ڏوهارين خلاف قدم کنيو وڃي.
|