|
روزانه ڪاوش |
|
گهرن تي چڙهائي ٿي ته هزارين جمالي مزاحمت ڪندا:محمد صلاح شهلياڻي ڳڙهي خيرو:نورپور پوليس چوڪي تي پوليس هٿان مارجي ويل اڪبر علي شهلياڻي جي والد مير محمد صلاح شهلياڻي ٽيجهي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي پٽ اڪبر ۽ سندس گارڊن جي قتل جو جوابدار ايس پي او غلام عباس گاڏهي آهي، جنهن مخالفن کان پئسا وٺي واقعو ڪرايو آهي، ڇو ته نورپور چوڪي تي موجود پوليس جمعدار غلام شبير بروهي ايس پي او جي چوڻ تي پهرين منهنجي پٽ ۽ باڊي گارڊن مٿان فائرنگ ڪري انهن کي قتل ڪيو، جنهن کانپوءِ جهيڙو ٿيو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير اسان کي دهشتگرد ڪوٺيو آهي پر اسان ٻڌايون ٿا ته هن ملڪ پاڪستان جي ٺهڻ ۾ اسان جي وڏن جو رت شامل آهي ۽ اسان هر ڏکئي وقت ۾ پ پ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، جيڪڏهن اسان دهشتگرد آهيون ته پوءِ وڏا دهشتگرد حڪمران پاڻ آهن، هن چيو ته پهرئين ڏينهن کان چوان ٿو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن منهنجو پٽ ڏوهاري ثابت ٿئي ته آئون هر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان، هن چيو ته مير نادر مگسي ۽ پ پ جا چونڊيل ايم پي ايز منهنجا مشير آهن، انهن جي سامهون آر پي او، ڊي آءِ جي ۽ آءِ جي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي چون ته اسان دهشتگرد آهيون ته به آئون هر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان، هن چيو ته وڏو وزير بار بار گرفتارين جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ان ڪري آئون چوان ٿو ته جتي هو چون اچڻ لاءِ تيار آهيان، باقي جيڪڏهن اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪئي وئي ته جمالي قبيلي جا هزارين ماڻهو بلوچ روايتن کي سامهون رکندي سخت مزاحمت ڪندا، جنهن جي ذميواري وڏي وزير تي هوندي.
|