روزانه ڪاوش

رستم لڳ نينگر سان اجتماعي بدفعلي، بيهوشي واري حالت ۾ هٿ

لکي غلام شاهه (ن ڪ) رستم لڳ ٻورڙي ڳوٺ ۾ 15 ورهين جي نينگر عبدالنبي پٽ گل محمد سيٺار کي پنهنجي برادري جي ٻن ڄڻن ورغلائي نشي وارو شربت پيارڻ بعد نيم بيهوشي واري حالت ۾ ٻين ساٿين سان گڏجي اجتماعي بدفعلي جو شڪار بڻائي کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، پاڙي وارن نينگر کي هڪ اوطاق ۾ بيهوش ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو، وارثن پهچي نينگر جي گهر پهچايو، جنهن هوش ۾ اچڻ بعد وارثن کي ٻڌايو ته منير، ڊبو ۽ ٻن ٻين ساڻس بدفعلي ڪئي آهي، نينگر سان بدفعلي بعد سيٺار برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، بدفعلي جي شڪار نينگر جي ڀاءُ مور پٽ گل محمد سيٺار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته خاموش رهڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ پوليس وٽ دانهڻ لاءِ پڻ نه ٿو ڇڏيو وڃي، هن ڊي پي او شڪارپور کان انصاف ڏيارڻ جي گهر ڪئي آهي.