روزانه ڪاوش

باگڙجي لڳ جوابدار رسي ويل زال کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو

باگڙجي (ن ڪ) باگڙجي ڀرسان والدين جي گهر  ترسيل ناري کي مڙس ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، تماچاڻي ٿاڻي جي  حد گوسڙجي ڳوٺ ۾  جوابدار جاويد مهر ساٿين سان گڏجي رات جو دير سان سهري جي گهر ۾ داخل ٿي ننڊ پيل پنهنجي نوجوان زال شبيران کي ڪارنهن جو الزام ڏئي بندوق جا فائر  ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو، بعد ۾ پوليس لاش سول اسپتال سکر کڻائي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، جنهن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، هواڏنهن جوابدار جاويد مهر ۽ سندس نامعلوم ساٿين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف مقتولا جي پيءُ ڌڻي بخش ٻڌايو ته منهنجي ڌيءُ 10  کان 11 ڏينهن اڳ مڙس وٽان رسي آئي هئي ۽ چيو پئي ته مڙس گهر جو  خرچ نه ٿو ڏئي، ڪالهه رات دير سان جاويد گهر ۾ گهڙي ڌيءُ کي ناحق قتل ڪري فرار ٿي ويو.