روزانه ڪاوش

هاءِ ڪورٽ ضلعي ڪائونسل سکر جي اڄوڪي اجلاس خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکرضلعي ناظم سکرسيد ناصر حسين شاهه خلاف عدم اعتماد واري رٿ تي ٿيندڙ ووٽنگ لاءِ اڄ 27 جون تي رٿيل اجلاس خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ ضلعي ناظم خلاف عدم اعتماد جي رٿ داخل ڪندڙ ضلعي ڪائونسل جي ميمبرياڻي مهران شيخ پنهنجي وڪيل معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي ته هن ناصر حسين شاهه خلاف عدم اعتماد واري رٿ سياسي دٻاءُ سبب داخل ڪرائي هئي، جنهن تان مون هٿ کنيو آهي، هن پٽيشن ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ته 17 جون تي ضلعي ڪائونسل جو جيڪو اجلاس ٿيو هو ان ۾ آئون موجود نه هئس، ان ڪري اهو اجلاس غيرقانوني آهي، جنهن تي عدالت جي سنگل بئنچ جي جسٽس مسٽر منيب احمد خان حڪم جاري ڪيا ته 17 جون تي اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليل ليٽر ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل سمجهيو وڃي، عدالت سڳوري پاران ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ 8 جولاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته ناصر حسين شاهه خلاف عدم اعتماد واري رٿ تي 17 جون واري ضلعي ڪائونسل جي اجلاس ۾ 44 ميمبرن پاران قرارداد پاس ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ضلعي ڪائونسل جي ڪنوينر پاران اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڏانهن ان رٿ تي ووٽنگ لاءِ ليٽر اماڻيو ويو هو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن پاران ڳجهي ووٽنگ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، جنهن بعد ناصر حسين شاهه خلاف ضلعي ڪائونسل ۾ اڄ 27 جون تي عدم اعتماد واري رٿ تي ووٽنگ ٿيڻي هئي.