روزانه ڪاوش

ڪراچي ۾ واڙي تي ٻن ٿري نوجوانن ۾ جهيڙو،جوابدار هٿان سئوٽ قتل

مٺي (ن ڪ) ڪراچي جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ۾ مينهن جي واڙي تي ڪم ڪندڙ ٻن ٿري نوجوانن ۾ ڪنهن معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران جوابدار بهاري سمون لوهي سيخن جا وار ڪري پنهنجي ئي سئوٽ اسحاق عرف وڍايو سمون کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، مارجي ويل نوجوان جي ڄمار 30 سال هئي، ٻئي ڄڻا ڪافي عرصي کان مينهن جي واڙي تي مزدوري ڪندا هئا، گلبرگ ٿاڻي تي نوجوان جو قتل ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، مارجي ويل نوجوان اسحاق سمون جو لاش ڪالهه سندس اباڻي ڳوٺ ڪاٺو سما پهتو ته سڄي ڳوٺ ۾ روڄ راڙو مچي ويو.