|
روزانه ڪاوش |
|
ٺري ميرواهه ڀرسان هٿياربندن جي ڳوٺ تي ڪاهه،پلاند ۾ 2 ناريون اغوا،پوليس چڙهايون،7 گرفتار ٺري ميرواهه/بوزدار وڏا(نمائندن وٽان) سيٺارجا ڀرسان مبينا اغوا ٿيل ناري جي پلاند ۾ الزام هيٺ آيل ڌر جون 2 ناريون ۽ 2 نوجوان اغوا، هٿياربند اڌ رستي ۾ نوجوانن کي ڇڏي عورتون کڻي ويا، واقعي بعد پوليس جي مختلف ڳوٺن تي چڙهائي، 7 ڄڻا گرفتار، 2 ڏينهن اڳ ڳوٺ ملان سانڀل مان مبينا طور 20 ورهين جي ناري شهزادي گرگيج اغوا ٿي وئي هئي، جنهن جو ڪيس سمور برادري خلاف داخل ڪيو ويو هو، ڪالهه 30 کان وڌيڪ هٿياربندن ٺري ميرواهه لڳ ڳوٺ غلام محمد سمور تي هلان ڪري فتح شير سمور جي گهر تي چڙهائي ڪري گهر ڌڻي جي ٻن نياڻين 19 ورهين جي بلقيس ۽ 13 سالن جي عابده، ٻن ڀائرن زاهد ۽ عابد سميت اغوا ڪري کڻي ويا، جن مان ٻنهي نوجوانن کي اڌ رستي ۾ ڇڏيو ويو، واقعي جي اطلاع تي ايس پي او ٺري جي اڳواڻي ۾ پوليس سانڀل ۽ لنڊ برادري جي مختلف ڳوٺن تي چڙهايون ڪري 7 ڄڻن مولابخش، رمضان، ڪمال، ميرحسن، اقبال، شاهد ۽ نادر کي گرفتار ڪري سندن چوپايو مال پڻ ڪاهي آئي، ان ڏس ۾ ايس پي او ٺري ميرواهه ٻڌايو آهي ته جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد ئي نارين کي به بازياب ڪرايو ويندو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، ذريعن موجب واقعو شهزادي جي مبينا اغوا جي پلاند ۾ ڪيو ويو آهي.
|