روزانه ڪاوش

ڪي اين شاهه مان اغوا ٿيل 2 بئنڪ مئنيجر بازياب نه ٿيا،آپريشن جون تياريون،ٻين ضلعن مان نفري گهرائي وئي

خيرپور ناٿن شاهه/دادو/ميهڙ(نمائندن وٽان) ڪي اين شاهه مان اغوا ٿيل 2 بئنڪ مئنيجرن کي پوليس اڃا بازياب ڪرائي نه سگهي آهي، جڏهن ته آپريشن جون تياريون شروع ڪندي ٻين ضلعن مان نفري پڻ گهرائي وئي آهي، انڊس هاءِ وي تان ڪي اين شاهه مان اغوا ٿيل 2 بئنڪ مئنيجر فضل ربي  شيخ ۽ عابد ابڙو کي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب ناهن ٿي سگهيا، جڏهن ته پوليس ڏوهارين خلاف ڇاپن ۽ گرفتارين وارو سلسلو 2 ڏينهن کان بند ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ذريعن موجب جابلو پٽي ۽ ٻين علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ مغوين جي موجودگي وارن اطلاعن تي پوليس پاران ڌاڙيلن خلاف ۽ مغوي بئنڪ مئنيجرن جي بازيابي لاءِ ايندڙ 12 ڪلاڪن اندر آپريشن شروع ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، مٽياري ضلعي مان هڪ بڪتر بند گاڏي سميت 2 گاڏيون ميهڙ ٿاڻي تي پهتل آهن، دادو ضلعي  هيڊڪوارٽر ۽ ٻين ٿاڻن سميت ٽنڊومحمدخان مان وڏي تعداد ۾ پوليس نفري به ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه ۾ گهرائي وئي آهي، جڏهن ته ڊي پي او دادو منظور کٽياڻ ۽ ايس پي جاچ دادو سڪندر منگي 12 ڪلاڪن کان ڪي اين شاهه جي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي، ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي اغوا واقعي بعد 10 ڏينهن ۾ 3 ڀيرا ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه ۾ پوليس عملدارن ۽ مغوين جي وارثن سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي، مغوين فضل ربي شيخ جي وارثن ۽ سندس پٽ سرفراز شيخ پوليس ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي، سرفراز شيخ چيو ته 10 ڏينهن کان گهر جي چلهه ناهي ٻري، بابا کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، رابطي تي ڊي پي او دادو منظور کٽياڻ چيو ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪيون پيا، هن چيو ته هاڻ هڪ وڏي قدم طرف وڌون پيا ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪيون پيا، نفري به گهرائي آهي، اڄ رات يا سڀاڻي کان مغوين جي بازيابي ۽ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪنداسين.  ٻئي طرف فضل ربي شيخ ۽ عابد ابڙو جي اغوا واقعي بعد پوليس پاران 5 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل دادو اتحاد جي ميهڙ جي تعلقي نائب ناظم شاهد سهول ۽ يوسي نائب ناظم گلزار ڏهر کي پوليس 4 ڏينهن کان نامعلوم هنڌ منتقل ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، سندن ملاقات به بند آهي، گرفتاري بعد گم ڪيل شاهد سهول جي ڀاءُ مسلم ليگ (ق) ضلعي دادو جي صدر سردار اعجاز سهول چيو ته پوليس پ پ ايم پي اي ۽ ايم اين اي فياض ٻٽ ۽ ڊاڪٽر طلعت مهيسر جي چوڻ تي انتقامي ڪارروايون پئي ڪري، اسان کي اميد آهي ته ڊي آءِ جي ۽ ڊي پي او انصاف ڪندا، پ پ ايم اين اي فياض ٻٽ چيو ته پ پ انتقامي سياست ۾ يقين نٿي رکي، پوليس پاران ڏوهارين ۽ سندن حامين خلاف آپريشن ۽ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، جن جي آجيان ڪيون ٿا، هوڏانهن گلزار ڏهر،شاهد سهول ۽ مظهر هنڱورو کي اغوا ۽ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ شڪ هيٺ گرفتار ڪري کانئن آڏي پڇا شروع ڪرڻ واري واقعي کي ضلعي ناظم دادو ڪريم علي جتوئي سرڪاري ڌر جي سياسي انتقامي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو آهي ته ناظمن جا فنڊ روڪڻ باوجود هنن جڏهن وفاداريون تبديل نه ڪيون ۽ انتظاميا ضلعي ڪائونسل ۾ اڪثريت ٽوڙي نه سگهي ته ان کانپوءِ نائب ناظمن ۽ ناظمن خلاف ڪوڙا ڪيس ڪري تشدد ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جهموريت جي دعويدارن پاران چونڊيل ناظمن کي اغوا ۽ ڦرن جي ڪيسن جي شڪ ۾ گرفتار ڪرائڻ افسوسناڪ عمل آهي ۽ سرڪار جي پت وائکي ٿي آهي، هو مخالفن جي زبان بند رکڻ لاءِ کين چيڀاٽڻ چاهين ٿا پر اسان پنهنجي ورڪرن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، ڪارروايون بند نه ٿيون ته تحريڪ هلائينداسين ۽ انصاف لاءِ عدالت ۾ پڻ وينداسين. ڪي اين شاهه ۾ بئنڪ ملازمن مغوين جي بازيابي لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ٽوڪن هڙتال ڪئي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته مغوين  جي گهرن ۾ قرآن خواني جو سلسلو پڻ جاري آهي.