|
روزانه ڪاوش |
|
نوشهروفيروز لڳ ڪارنهن الزام هيٺ آيل همراهه جو نوجوان ڀاءُ قتل نوشهرو فيروز (ن ڪ) نوشهرو فيروز لڳ هٿياربندن ڪارنهن الزام هيٺ آيل همراهه جي نوجوان ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب نوشهري فيروز لڳ ڳوٺ محبت چانڊيو ۾ 5 هٿياربندن سوڀو چانڊيو جي گهر ۾ گهڙي سندس ننڊ ستل پٽ 18 سالن جي نوجوان الهه ڏتو چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، واقعي بعد پوليس پهچي مقتول جو لاش سول اسپتال مان پوسٽ مرٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته نوشهري فيروز ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ الهه وڌايو چانڊيو جي فرياد تي فيضل چانڊيو ۽ جمعون چانڊيو سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري نه ٿي سگهي هئي، ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب مقتول نوجوان جي ڀاءُ ڪالو چانڊيو تي جوابدار ڌر ڪارنهن الزام مڙهيو هو ۽ ڪجهه ڏينهن کان اهو تڪرار هلندڙ هو، گذريل رات جو ڪالو کي قتل ڪرڻ آيا ۽ سندس غير موجودگي ۾ سندس ڀاءُ الهه ڏتو چانڊيو کي قتل ڪيو ويو.
|