سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

قادر پور گئس فيلڊ جي نجڪاري خلاف ايس يو پي جا ڌرڻا۽ بک هڙتالون،قادر پور ۾ سوين پورهيتن جو مظاهرو

حيدرآباد (نمائندن وٽان/پ ر) قادر پور گئس  فيلڊ جي نجڪاري خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ۽ بک هڙتالون ڪيون ويون، جڏهن ته قادر پور ۾ پورهيتن به احتجاج ڪيو،  ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل  ڄاڻ موجب سن ۾ ايس يو پي جي سربراهه  سيد جلال محمود  شاهه، نياز محمد کوسي ۽ ڪمال لاکي جي اڳواڻي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي  پارڪ کان پريس ڪلب تائين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ بک هڙتال ڪئي  وئي،  حيدرآباد ۾ روشن  ٻرڙي، مير علي، ٿيٻي، شاهجهان شاهه، نوابشاهه ۽هالا ۾ مرڪزي جنرل  سيڪريٽري  سيد زين شاهه، بدين ۾ مرڪزي  اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهيري، ڄامشوري ۾ حق نواز ڏاهري، حاجي  خان نوحاڻي، قادر بخش ڀلائي، سکر ۾ لالا سهيل پٺاڻ، راجا ڀيلار ۽ رشيد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ۽ بک هڙتالون ڪيون ويون، جڏهن ته  ڪوٽڙي ۾عرفان شاهه، خالد   ناريجو، سعيد پنهور، گمبٽ ۾ محمد ڏنو لاکو، لاڙڪاڻي ۾ امبر مغل، شاهد جتوئي، صابر سانڊاڻي، موري ۾  نور سنڌي،  سيوهڻ ۾مولا بخش لغاري، دودو خان بڙدي، ٺل ۾ جوش ٻرڙي، احمدسجاڳ، نياز  لاشاري،  شڪارپور ۾ آغا قصر مشواڻي، دادو ۾ نياز پنهور، عطاءُ الله ٿهيم، ڀان سيد آباد ۾ مولا بخش لغاري، غلام شبير ٻرڙي، امير بخش خشڪ، ڪنڌڪوٽ ۾ اظهر سهرياڻي، ممتاز چاچڙ، هنگورجا ۾ فدا راڄپر، ٺري ميرواهه ۾ عبدالجبار، اڪبر ٻانڀڻ ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ بشيراحمد شاهه ۽ نياز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽  بک هڙتالون ڪيون ويون، احتجاج   دوران ڳالهائيندي ايس يو پي جي مرڪزي جنرل  سيڪريٽري  سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي  وسيلن کي نيلام ڪري  سنڌ کي سوين سال پوئتي ڌڪيو پيو وڃي، هن چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين جي رستا روڪ ڪئي ويندي، هوڏانهن  ڪراچي ۾ سيد غلام شاهه جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب  آڏو بک هڙتال ڪئي وئي،  ميرپور  ماٿيلي ۾  سيد لال شاهه جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال  ڪئي وئي، جن ۾ مختلف تنظيمن  جي  اڳواڻن به  شرڪت ڪئي،  جڏهن  ته ٺٽي ۾ انور ڪرناڻي،  عزيز ڪينجهرائي ۽ قادر چانڊيو  جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي، ان  موقعي تي  مطالبو ڪيو ويو ته قادر پور گئس فيلڊ جي نجڪاري وارو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي،  قادر پور گئس فيلڊ جي پلانٽ آڏو سوين  پوورهيتن زاهد  حسين ڀٽي، علم الدين سنگهڙ ۽ عبدالحميد ملهڻ  جي اڳواڻي ۾  ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي  احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو،  پورهيتن نجڪاري وراي عمل جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي،  احتجاج دوران  سوين پورهيت ڪم ڪار ڇڏي احتجاج ۾ شامل ٿي ويا،هڪ  ڪلاڪ تائين گئس فيلڊ ۾ آفيسون بند رهيون، جڏهن ته گئس فيلڊ ۾ احتجاج  بعد سوين پورهيت فيلڊ جي گاڏين تي چڙهي ميرپور ماٿيلي پهتا ۽  ايس يو پي طرفان جاري بک هڙتال  واري ڪئمپ تي ويهي رهيا.