|
روزانه ڪاوش |
|
جاتي واسي واپاري جي قتل خلاف سراپا احتجاج،ٻئي ڏينهن به هڙتال،مظاهرو، هڪ ڪانڌي ٻڏي فوت جاتي (ن ڪ) جاتي لڳ دوهو موري وٽ نامعلوم هٿياربندن هٿان قتل ٿيل پيپلز يوٿ ڪارڪن ۽ نوجوان واپاري صديق کتري واري واقعي خلاف جاتي ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن پڻ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، پيپلز يوٿ پاران اعلانيل سوڳ تي پ پ، پيپلز يوٿ ۽ سپاف جي ڪارڪنن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون، دڪانن، گهرن ۽ تنظيمي آفيسن تي ڪارا جهنڊا چاڙهيا ويا، ٻئي طرف مختلف تنظيمن ۽ شهرين پاران جلوس ڪڍي شهيد بينظير چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي ايس ٽي پي اڳواڻ اصغر ملوڪاڻي، يوٿ اڳواڻ منظور پليجو، سپاف اڳواڻ هارون سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته صديق کتري معصوم شهري هو، ڏوهارين هٿان سندس قتل افسوسناڪ واقعو آهي، کيس بيگناهه قتل ڪري علائقي ۾ پکڙيل بدامني ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي، هنن چتاءُ ڏنو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪبو، هوڏانهن مقتول کي مگرڀين قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ سوين شهرين شرڪت ڪئي، جنازو کڄڻ وقت ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿيو هو ۽ نه ئي وري جوابدار گرفتار ٿي سگهيا هئا، هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ جاويد کتري موجب ڊي پي او ٺٽو سلطان خواجا کين جوابدارن جي گرفتاري بابت پڪ ڏني آهي، ٻئي طرف نوجوان صديق کتري جي تدفين ۾ شرڪت لاءِ آيل سندس مائٽ 50 سالن جو نور محمد کتري پڃاري ڪئنال ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، ٽوٻن لاش هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو، جيڪو ڪراچي نيو ويو.
|