سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر جي مزار کي غسل ڏيارڻ جي رسم،هزارين عقيدتمند شريڪ

سيوهڻ (ن ڪ) سيوهڻ ۾ شب معراج جي ڀلاري رات عظيم اولياءَ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار کي غسل ڏيارڻ واري رسم ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ مزار کي گلاب ۽ عطر جي پاڻي سان غسل ڏئي پراڻيون چادرون هٽائي نيون چادرون ۽ غلاف وڌا ويا، هن تقريب ۾ درگاهه قلندر شهباز جي سجاده نشين سيد محمد مراد شاهه لڪياري، ڊاڪٽر سيد مهدي رضا شاهه سبزواري، سيد حاجن شاهه، سيد الهه بخش شاهه ۽ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف قاضي شاهد پرويز سميت وڏي انگ ۾ سداتن معزز شهرين ۽ علماءَ ڪرامن کانسواءِ سڄي سنڌ مان آيل هزارين پانڌيئڙن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي زائرين پاران دم مست قلندر جا نعرا گونجندا رهيا، جڏهن ته سڄي شهر اندر امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڏي انگ پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي هئي ۽ وڏين ۽ توڙي ننڍين گاڏين جي شهر اندر داخلا تي بندش وڌي وئي هئي.