سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

پنگريو لڳ ناري جي قتل جا چوٻول،وارثن خودڪشي ڄاڻائي ڇڏي

پنگريو (ن ڪ) پنگريو لڳ ڳوٺ نياز محمد نهڙيو ۾ 25 سالن جي ناري مسمات سومري جي قتل جا چوٻول آهن، جڏهن ته مڙس الهڏنو ٻاڙهو جو چوڻ آهي ته مسمات سومري وڻ سان رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي، وارثن اهڙو بيان حد جي ڪلوئي پوليس وٽ به ڏنو آهي، ٻئي طرف ناري جو لاش بنا پوسٽ مارٽم دفنايو ويو آهي.