سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

صحافي لالا رحمان جي پيءُ جي بازيابي لاءِ پيٽاري ۾ ڇاپو، گهر گهر تلاشي

ڄامشورو (ن ڪ) حيدرآباد جي مڪي شاهه واري علائقي مان 4 ڏينهن اڳ نامعلوم جوابدارن هٿان صحافي لالا رحمان سمون جي پيرسن والد حاجي ڄام نواب سمون جي بازيابي لاءِ ڪالهه حيدرآباد ۽ ڄامشوري پوليس جي وڏن اٽالن پيٽاري ۾ ٽول پلازه ويجهو ڳوٺ بهرام کوسي تي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو، ڊي ايس پي آفتاب نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ اهلڪارن گهر گهر تلاشي ورتي ۽ ڳوٺاڻن کان آڏي پڇا ڳاڇا ڪئي پر مغوي هٿ نه ٿي سگهيو، نه ئي پوليس ڪو شڪي ماڻهو گرفتار ڪيو، پوليس جي ڪارروائي دوران ڳوٺاڻن سخت مزاحمت ڪئي، اهلڪارن ۽ ڳوٺاڻن عورتن وچ ۾ جهڙپون پڻ ٿيون، جنهن ۾ هڪ عورت مسمات سومل کوسو ۽ 6 ورهين جو نينگر راشد حسين کوسو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ايل ايم يو اسپتال جي حادثاتي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، پوليس عملدارن ٻڌايو ته ڳوٺ  ۾مغوي جي هجڻ جو اطلاع مليو، جنهن سلسلي ۾ ڇاپو هنيو پر سندس بازياب نه ٿيڻ ڪري ڪا به گرفتاري نه ڪئي وئي، باقي زخمي ٿيل عورت پاڻ کي پٿر هڻي زخمي ڪيو، اهلڪارن ڪنهن تي به تشدد نه ڪيو آهي.