جيلن ۾ 86 سيڪڙو ڪچا قيدي مسئلاپيدا ڪندا رهن ٿا:گل محمد جکراڻي

حيدرآباد(پڌرائي) سنڌ جي جيلن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار گل محمد جکراڻي چيو آهي ته انصاف تائين رسائي هر شخص جو قانوني حق آهي، ڪنهن کي به ان کان محروم نٿو رکي سگهجي، سنڌ جي جيلن ۾ 86 سيڪڙو ڪچا قيدي جيلن ۾ مسئلا ڪندا رهن ٿا، ججن جي مقرري لاءِسفارشون موڪليون آهن، ڪالهه سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيدين کي ايڊز کان بچاءَ بابت هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي صوبائي صلاحڪار گل محمد جکراڻي چيو ته سنڌ جي جيلن ۾ 14 ايڊز جي مريضن سان گڏ ٻين مرضن ۾ مبتلا قيدين کي علاج جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن،  هن چيو ته ججن جي نه هجڻ ڪري 86 سيڪڙو ڪچا قيدي انصاف جي حصول لاءِ جيلن اندر مسئلا پيدا ڪندا رهن ٿا، هن چيوته جيل اصلاحي گهرهوندا آهن، سزا ڏيڻ عدالت جو ڪم آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ قيدين جو نفسياتي علاج به ڪري رهيا آهيون، قيدين ۽ جيلن جي مسئلن کان غافل نه آهيون، مسئلا حل ڪري عملي کي به اپ گريڊ ڪبو، هن چيو ته گهوٽڪي، نوشهروفيروز، ميرپورخاص ۽ ٺٽي ۾ جيلن جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد قيدين کي سندن ضلعن جي جيلن ۾ موڪليو ويندو، ان موقعي تي آءِ جي جيل محمد يامين خان موجب صوبي جي 20 جيلن ۾ 20 هزار قيدي موجودآهن، سيمينار کي ڊاڪٽر محمد نعيم ۽ ٻين به خطاب ڪيو.