گمبٽ لڳ ڳوٺ گاد جو چڱو مڙس عمري جي ادائگيءَ دوران مديني منوره ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

گمبٽ (ن ڪ) گمبٽ لڳ ڳوٺ علي محمد گاد جو چڱو مڙس محمد ابراهيم گاد مديني منوره ۾ عمري جي ادائگيءَ دوران لاڏاڻو ڪري ويو آهي، معلوم ٿيو آهي ته محمد ابراهيم عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ مديني شريف ويو هو، جتي جنت البقيع جي قبرستان ۾ فاتح خواني دوران هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، مرحوم محمد ابراهيم پ پ جو پراڻو ڪارڪن هو.