|
ٻيراڻي مان
اغوا ٿيل زميندار بازياب:ڀنگ ناهي ڀريو:ايس پي او جي دعويٰ
ٽنڊو آدم/ڄام
نواز علي (نمائندن وٽان) ٻيراڻي ٿاڻي جي حد مان 13 ڏينهن اڳ
اغوا ٿيل زميندار نويد چوڌري بازياب، رپورٽ موجب 13 ڏينهن اڳ
ڌاڙيل قاسم ناريجو ۽ ڀٽو خاصخيلي جي ٽولي هٿان ديهه اوڍو مشائخ
مان پاڻي جي واري تان اغوا ٿيل زميندار کي پوليس ٻيراڻي ويجهو
زميندار خان صاحب درس جي ڪيلن جي باغ مان بازياب ڪرائي ورتو
آهي، ان سلسلي ۾ ايس پي او يار محمد رند اخبار وارن کي بازياب
ڪرايل چوڌري نويد ۽ سندس مائٽن جي موجودگي ۾ بريفنگ ڏيندي
ٻڌايو ته ڌاڙيل قاسم ناريجو ۽ ڀٽو خاصخيلي جي موجودگي جي اطلاع
تي جهنڊو مري، پيارو لنڊ ۽ ٻيراڻي ٿاڻن جي حدن ۾ فجر مهل سرچ
آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن دوران ٻيراڻي لڳ خان صاحب درس جي
ڪمند مان يرغمالي نويد ملي ويو، سندس مٿان پهري تي بيٺل 2
ڌاڙيل کيس پوليس جي خوف کان ڇڏي فرار ٿي ويا، ايس پي او ٻڌايو
ته پوليس پاران ڌاڙيلن تي وڌل مسلسل پريشر ۽ ڇاپن دوران سندن 3
ساٿي جبار خاصخيلي، اڪبر جٽ ۽ الهجڙيو مهڪاڻي جي گرفتاري بعد
يرغمالي بازياب ٿيو، ڌاڙيلن جي گرفتار ساٿين جو اغوا ڪيس ۾ اڄ
رمانڊ ورتو ويندو، هن ٻڌايو ته نويد جي بازيابي بنا ڀنگ جي
پوليس پريشر سبب ٿي آهي، ان موقعي تي نويد چوڌري اخبار وارن کي
ٻڌايو ته اغوا کانپوءِ 6 ڌاڙيلن جي ٽولي ٻيراڻي، پيارو لنڊ ۽
ميرپورخاص ٿاڻن جي حدن ۾ رکيو، ڌاڙيل پوليس جي خوف کان ٺڪاڻا
مٽائيندا رهندا هئا، اهي 50 لک ڀنگ لاءِ مون کي ڀائرن ۽ ڀينرن
سان فون تي ڳالهرائيندا هئا، هن ٻڌايو ته ڌاريل ٻئي ٽئين ڏينهن
ماني ڏيندا هئا، چڻن ۽ ڀڳڙن تي گذر سفر هوندو هو، ماني ۾ به
دال ۽ بصر ڏيندا هئا، هڪٻئي کي نالن سان نه پر فقير، ننڍو فقير
يا وڏو فقير ڪري سڏيندا هئا، هن ٻڌايو ته اغوا وارا 13 ڏينهن
موت جي منهن ۾ گذاريم، مائٽ مٽ ياد ايندا هئا، جڏهن ڌيءُ جي
يادگيري ايندي هئي ته روئڻ اچي ويندو هو، هوڏانهن آزاد ذريعن
موجب يرغمالي 5 لک ڀنگ ڀري آزاد ٿيو آهي.
|