عمرڪوٽ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو رڳو 88 ڄڻن کي نوڪريون ڏيڻ خلاف مظاهرو

عمرڪوٽ (ن ڪ) عمرڪوٽ جي پرائمري ماستري لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 1040 اميدوارن مان سنڌ حڪومت پاران 60 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ ضلعي جي رڳو 88 اميدوارن کي پاس ڄاڻائي نوڪريون ڏيڻ ۽ ٻين کي نظرانداز ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو وڏي تعداد ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڊي سي او آفيس تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه پهچي احتجاج ڪندڙ نوجوانن کي يقين ڏياريو ته ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي ۽ سڀني کي حق ملندو.