|
روزانه ڪاوش |
|
ڪنگري چونڊ ۾ ووٽن جو ٽرن آئوٽ تمام گهٽ رهيو پير جو ڳوٺ:پي ايس 30 ڪنگري تڪ تي ضمني چونڊ لاءِ 116 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون جنهن ۾ 56 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو ۽ پوليس توڙي رينجرز وڏي انگ ۾ مقرر ڪئي وئي هئي، جيڪا گشت ڪندي رهي ۽ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، جڏهن ته پولنگن تي صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جي ووٽنگ جو عمل جاري رهيو، 116 پولنگ اسٽيشنن تي ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو، جڏهن ته ووٽن جو ٽرن آئوٽ تمام گهٽ رهيو.
|