روزانه ڪاوش

ڪڙيو گهنور ۾ پوليس ڏاڍاين خلاف نواز ليگ جي سڏ تي شٽربند هڙتال،ڌرڻو،ڳوٺن تي ڇاپا،هڪ گرفتار

ڪڙيو گهنور/گولاڙچي (نمائندن وٽان) تعلقي ناظم گولاڙچي کي بي اعتمادي ذريعي هٽائڻ لاءِ پوليس تعلقي ڪائونسل جي ميمبرن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني آهي، 2 ڏينهن اڳ  ترائي جي يوسي نائب ناظم جي ڀاءُ جي گرفتاري ۽ ٻين جي گهرن تي ڇاپن خلاف ڪالهه مسلم ليگ (ن) جي سڏ تي ڪڙيو گهنور ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، هڙتال دوران شهر اندر پوليس جي وڏي نفري موجود هئڻ باوجود نواز ليگ ڪارڪنن شهيد فاضل چوڪ تي ڌرڻو هڻي حيدرآباد-گولاڙچي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي اڳواڻن علي احمد جوکيو، ذوالفقار راهو ۽ ٻين چيو ته موجوده حڪومت انتقامي ڪاررواين جي حد ڪري ڇڏي آهي، هنن چيو ته ڏاڍ وسيلي وفاداريون تبديل نه ٿيون ڪري سگهجن، هڙتال دوران ايس ايڇ او واپارين کي ڪاروبار کولڻ لاءِ منٿون ڪندو ۽ ضمانتون ڏيندو رهيو، جڏهن ته هڙتال بعد پوليس ڳوٺ اسماعيل مهيري، منو خان نظاماڻي ۽ ڳوٺ ٻاگهلي ۾ نواز ليگ ڪارڪنن جي گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيا ۽ هڪ ڄڻي عثمان مهيري کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته اطلاع آهن ته پوليس نواز ليگ جي درجنين ڪارڪنن تي ڌرڻي ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪيو آهي پر پوليس ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري رهي آهي.