|
”لکي ڏيو
ته ماريل ٻئي ڌاڙيل آهن،“پنجاب پوليس سنڌ واسين جا لاش ڏيڻ
لاءِ شرط رکي ڇڏيو،ڌرڻو،باهيون
اوٻاوڙو
(رپورٽ: گل محمد پنهور) پنجاب پوليس قتل ڪيل ٻن سنڌ واسين جا
لاش وارثن حوالي نه ڪيا، مڙهه ڏيڻ لاءِ انهن جي ڌاڙيل هئڻ بابت
وارثن کي لکت ڏيڻ جو شرط، ڪوش برادري جو قومي شاهراهه تي 5
ڪلاڪ ڌرڻو، باهيون، اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ ٻورڙي ڪڙڪ وٽ 2 ڏينهن اڳ
ماڇڪو پوليس خيرات کائي واپس ايندڙ سنڌ واسي ٻن نوجوانن کي
ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيو هو، جنهن بابت پنجاب پوليس دعويٰ ڪئي ته
هنن مقابلي ۾ ڌاڙيل ماريا آهن، جن جا لاش 36 ڪلاڪن تائين
پنهنجي تحويل ۾ وٺي وارثن کي مڙهه ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ۽
اهو شرط رکيو ته لکي ڏنو وڃي ته مارجي ويل عزيز الله ڪوش ۽
ڪالو ڪوش ڌاڙيل هئا، پوليس جي اهڙي ظالماڻي ڪارروائي ۽ غير
قانوني عمل خلاف ڪوش برادري جي سوين ڳوٺاڻن ٽريڪٽر ٽرالين تي
سوار ٿي چوڪ ماڙي وٽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي
باهيون ڏئي 5 ڪلاڪن تائين ٽرئفڪ معطل ڪري ڇڏي، ان موقعي تي
مقتول جي وارثن چيوته جيستائين لاش نه ملندا تيستائين روڊ نه
کولينداسين، جڏهن ته پوليس روڊ کولڻ لاءِ مظاهرين سان ڳالهيون
ڪيون، جنهن بعد ڊي پي او گهوٽڪي جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو
ويو، ان ڏس ۾ مقتولن جي وارثن لالو ڪوش، ڪامريڊ غلام ڪوش ۽
ٻين ٻڌايو ته ايس ايڇ او ماڇڪو لکت ۾ ڏوهاري لکي ڏيڻ کانسواءِ
لاش ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، هوڏانهن ڊي پي او رحيم يار خان
رابطو ڪرڻ تي لاشن بابت ايس ايڇ او ماڇڪو کان پڇڻ جو چئي وڌيڪ
ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين رات دير سان
پوليس مقتول عزيز ڪوش جي ماءُ مسمات پٺاڻي ۽ ڪالو ڪوش جي ماءُ
سڪينه کي پٽن جا لاش ڏئي ڇڏيا،جيڪي ڳوٺ آندا پي ويا،
|