|
روزانه ڪاوش |
|
ڀٽ شاهه جي بازار حسن ۾ 10 سالن جي نينگري جو واپار،هڪ کانپوءِ ٻي سدا سهاڳڻ وٽ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف هالا (رپورٽ: الطاف ميمڻ) ڀٽ شاهه ۾ بي حس والدين پاران 10 ورهين جي معصوم نينگري کي 50 هزار رپين ۾ بازار حسن ۾ وڪرو ڪرڻ وارو مامرو 8 مهينا اڳ 10 ورهين جي سڪينه کي هڪ سدا سهاڳڻ وٽ وڪرو ڪري سندس پٽ سان نڪاح ڪرائڻ ۽ ان کان اڳ نينگري کي 30 هزار رپين۾ هڪ ٻي سدا سهاڳڻ نغمه وٽ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڀٽ شاهه جي رهواسي بي حس والدين پاران پنهنجي 10 ورهين جي معصوم ڌيءُ سڪينه کي 50 هزار رپين ۾ وڪرو ڪرڻ واري واقعي بابت انڪشاف ٿيو آهي ته ڀٽ شاهه واسي جمن ڪهيري ۽ سندس زال فرزانه 8 مهينا اڳ پنهنجي ڌيءُ سڪينه کي 50هزار رپين عيوض بازار حسن جي سدا سهاڳڻ نيلم وٽ وڪرو ڪري سندس پٽ واجد سان نڪاح ڪرائي سڪينه کي ان جي حوالي ڪيو، 8 مهينن بعد نينگري جي وارثن ۽ خريدار عورت وچ ۾ تڪرار کانپوءِ نينگري مائٽن وٽ پهچي وئي ۽ تڪرار بعد نينگري جي وارثن خريدار عورت کي نينگري واپس ڪرڻ کان انڪار ڪندي 50 هزار واپس ڏيڻ جو چيو، جنهن تي خريدارعورت 8 مهينن دوران نينگري تي ڪيل خرچ جا 3 لک رپيا نينگري جي وارثن کان طلب ڪيا، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ بعد مقامي ناظم ڌرين جو فيصلو ڪيو پر نبيرو ٿيڻ بعد فيصلو برادري ۾ اماڻيو ويو آهي، ڀٽ شاهه جي بازار حسن ۾ معصوم نينگري جي ٿيل واپار بابت معلوم ٿيو آهي ته نينگري جي وارثن پاران ان کان اڳ به 30 هزار رپين ۾ نينگري کي سدا سهاڳڻ نغمه وٽ وڪرو ڪري ان جي ڀاءُ ارشد سان ان جو رشتو جوڙيو هو، جتي پڻ نينگري 3 مهينا رهي هئي ۽ وارثن انهن کان نينگري واپس وٺي 50 هزار رپين ۾ نيلم وٽ وڪرو ڪئي، علائقي واسين موجب معصوم نينگري کي ٽئين هنڌ وڪرو ڪرڻ لاءِ وارثن پاران هي ڊرامو رچايو پيو وڃي، وڪرو ٿيل معصوم نينگري جو پيءُ جمن ڪهيري جيڪو منشيات ڪيس ۾ تازو جيل ڪاٽي آزاد ٿيو آهي، جنهن ٻڌايو ته هن پنهنجي بيماري جو علاج ڪرائڻ لاءِ زال جي معرفت نيلم کي ڌيءُ وڪرو ڪئي ۽ ان جي پٽ سان ڪچو نڪاح ڪرايو پر هنن منهنجي ڌيءُ کي ڏکيو رکيو ۽ اسان کي به ملڻ نه ڏيندي هئي، نينگري جي ماءُ فرزانه ٻڌايو ته هن 50 هزار رپين عيوض ڌيءُ وڪرو ڪئي ان لاءِ نيلم کيس مجبور ڪيو هو، هن ٻڌايو ته نيلم کان پهرين 50 هزار مدد گهري هئي پر هن منهنجي ڌيءُ تي نظر وڌي ۽ بعد ۾ هن جي اسرار تي ڌيءُ سندس حوالي ڪيم، هن چيو ته نيلم فحاشي جو اڏو هلائيندي آهي پر هو ننهن يا ڌيءُ کان اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪرائيندي آهي، هن چيو ته هاڻي هن کي 50 هزار واپس ڪريون ٿا ته هوءَ ڪڏهن 3 لک ته ڪڏهن 5 لک گهري ٿي، هن چيوته اڳ ۾ نغمه وٽ ڌيءُ وڪرو ڪئي هئي، نغمه جي ڀاءُ سان رشتو ڪيو هو، هوڏانهن نينگري کي خريد ڪندڙ عورت نيلم گم ٿي وئي آهي، سندس ڀاءُ ٻڌايو ته نينگري 50 هزار رپين ۾ خريد ڪئي جيڪا هتي رهندي هئي، باقي وڌيڪ خبر نيلم کي آهي،جيڪا ڌيءُ جي ڊليوري جي سلسلي ۾ حيدرآباد ويل آهي، نينگري سان نڪاح ڪندڙ واجد چيو ته هو نينگري جو مڙس آهي۽نينگري 8 مهينا سندس وٽ رهي، جڏهن ته نينگري سڪينه ٻڌايو ته هوءَ 8 مهينن کان نيلم وٽ رهندي هئي، جتي ساڻس غلط ورتا ڪيو ويندو هو، هن ٻڌايو ته اڳ هوءَ نغمه وٽ به 3 مهينا رهي هئي ۽ هاڻي مائٽن وٽ رهڻ چاهي ٿي، هوڏانهن ڊي پي او مٽياري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او کي ڌرين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.
|