|
روزانه ڪاوش |
|
پني عاقل جي يوسي ناظم طرفان واپارين کي ڀاڻ وڪڻڻ خلاف سوين آبادگارن جو جلوس،ڌرڻا،لٺبازي،3زخمي پنو عاقل(رپورٽ:علي سميجو) پني عاقل ۾ آبادگارن ۾ ورهائڻ لاءِ ڏنل ڀاڻ يوسي ناظم پاران واپارين کي وڪرو ڪرڻ خلاف ڪالهه سوين آبادگارن ۽هارين احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڪراچي ۽ پنجاب کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون، بعد ۾ پوليس پهچي احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي ڪري ڏني، جنهن سبب عبدالعزيز جتوئي ۽ غلام سرور سميت 3 آبادگارن زخمي ٿي پيا، جنهن کانپوءِ آبادگارن جلوس ڪڍي يوسي ناظم جي ڪارخاني آڏو ڌرڻو هنيو ۽ هن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، بعد ۾ مڇريل آبادگارن شهر جي مک بازار ۾ ڪاروبار بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس ٻيهر مٿن مڇرجي پئي ۽ ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ ڏنڊا بردار اهلڪارن مٿن ٻيهر ڪڙڪي پيا ۽ کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي آبادگارن خادم ڪلوڙ، خادم بلو ۽ حضور بلو چيو ته وفاقي وزير خورشيد شاهه ۽ وڏي وزير جي خاص معاون پهلاج مل پاران اسان آبادگارن ۾ سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪرڻ لاءِ موڪليل ڀاڻ جي ٽرڪ يوسي ناظم واپارين کي وڪڻي ڇڏي آهي، جنهن جي جاچ ڪرائي ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن معاملي بابت خبرون هلائڻ تي يوسي ناظم شبير شيخ ڪاوش جي عيوضي علي سميجو تي مڇرجي پيو ۽ فون تي کيس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، اهڙي عمل خلاف صحافين احتجاج ڪيو ۽ يوسي ناظم خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي.
|