روزانه ڪاوش

دانشورن ۽ مفڪرن پاران سنڌي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي گهر:اسيمبلي ۾ سنڌ جو آواز ناهي:ابراهيم جويو

حيدرآباد(رپورٽ: ستار ملڪ) سنڌ جي ناليوارن مفڪرن، دانشورن ۽ ليکڪن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ 6 سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو آهي، سنڌي کي مارڪيٽ جي ٻولي بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ويو ته رڳو ادب ۽ شاعري سان ٻوليون زندهه هجن ها ته سنسڪرت ختم نه ٿئي ها، حڪومت کان ٻولي بابت پاليسي جوڙڻ جي گهر ڪئي وئي، ڪالهه سنڌي ادبي سنگت طرفان حيدرآباد ۾ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڪانفرنس“ ڪوٺائي وئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناليواري دانشور محمد ابراهيم جويو  چيو ته  سنڌي ٻولي ۽ سنڌ وطن کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته 47ع ۾ ڪراچي اندر 97 سيڪڙو آبادي سنڌي ڳالهائيندڙن جي هئي، جنهن بعد اچانڪ 20 لک ماڻهو اچي ويا، تنهن وقت ڪراچي جي آبادي صرف 3 لک مشڪل سان هئي، پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، هن چيوته حق حاصل ڪرڻ لاءِ بنگالين جيان قرباني ڏيڻي پوندي، اڄوڪي سرڪار اسان جي ناهي، اسيمبلي ۾ سنڌ جو آواز ناهي، عوامي تحريڪ جي سرواڻ ۽ ناليواري دانشور رسول بخش پليجي چيو ته اسان اڳ ئي خدشو ظاهر ڪيو هو ته اسان کان تعليم، پاڻي ۽ حق حڪمراني کسيو ويندو، اڄ سنڌ کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، هن چيوته پاڻي وارو وزير چئي پيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهندو پر هي اسيمبلين ۾ ويٺل چون پيا ته نه ٺهندو، هن چيو ته بازاري ۽ ويڪائو سياست کي اديب، شاعر ۽ مفڪر ئي لغام ڏئي سگهن ٿا، ناليواري اديب ڊاڪٽر جبار جوڻيجو چيو ته مٿي ويٺلن جون ٻطرفيون پاليسيون آهن، جدوجهد ڪبي ته مقصد ماڻي وٺبا، سنڌي ٻولي اختياري جي چيئرپرسن فهميده حسين چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ ڪي به 2 رايا ناهن، اسان جي ٻولي اڳ ئي مڪمل ۽ ڪامل آهي، اسان کي صرف پرائمري اسڪولن جو معيار وڌائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو چيو ته بنگالين پنهنجي شهيدن لاءِ اقوام متحده کان مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن منظور ڪرايو، هن چيو ته ريلوي اسٽيشنن ۽ هاءِ ويز تي بورڊ سنڌي ۾ لکڻ لاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وڃي، نصير ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته اسان کي متبادل طور پنهنجا ادارا ٺاهڻ جي ضرورت آهي. مطالبن واري ذهنيت کان اڳتي نڪرڻ گهرجي، جامي چانڊيو  چيو ته فقط ادب ۽ شاعري ٻولين کي نٿيون بچائين پر ٻوليون سماجن ۽ مارڪيٽن سان زندهه رهن ٿيون. تقريب کي اديب غلام نبي  مغل، قلندر شاهه لڪياري، سنڌياڻي تحريڪ جي نذير قريشي، س-ا-س جي يوسف سنڌي، زيب نظاماڻي، حميد سنڌي، نواز خان زنئور ۽ ٻين خطاب ڪيو.  جڏهن ته مختلف قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي، ايف ايم 101 ۽ سرڪاري ٽي وي توڙي ريڊيو تان سنڌي پروگرامن جو وقت 75 سيڪڙو ڪيو وڃي ۽ قومي ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن. ان موقعي تي اعجاز قريشي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي ماضي، حال ۽ مستقبل“ جو مهورت به ڪيو ويو.