روزانه ڪاوش

عدليا جي بحالي لاءِ سرگرم رهندڙ امداد اعواڻ شڪارپور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

سکر/شڪارپور (بيورو رپورٽ/ن ڪ)  عدليا جي  بحالي لاءِ سنڌ ۾  سرگرم ڪردار ادا ڪندڙ امداد  اعواڻ شڪارپور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي، آخري رسمن ۾ سوين ساٿي شريڪ، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي صدر ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر امداد اعواڻ جي ڪالهه صبح جو سکر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عمارت ٻاهران پارڪ ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته  ان موقعي تي سيڪيورٽي جا  سخت انتظام ڪيا ويا هئا، جنازي نماز واري هنڌ ڏانهن ايندڙ رستن تي  پوليس مقرر هئي ۽ ٽرئفڪ پوليس  ٽرئفڪ جو انتظام سنڀاليو هو. مرحوم جو لاش سندس ملٽري روڊ تي واقع رهائشگاهه تان گاڏين جي هڪ ڊگهي قافلي سان گڏ هاءِ ڪورٽ آندو ويو، قافلي ۾ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، ڪيترائي صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ، مرحوم جي ويجها عزيز، دوست ۽ وڪيل  شامل هئا،  جنازي نماز ۾ سکر، خيرپور، نوشهروفيروز، گهوٽڪي، نوابشاهه ۽ ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ وڪيلن، ڊسٽرڪٽ بار جي عهديدارن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هٽايل 5 ججن جسٽس صبيع الدين جي اڳواڻي ۾شرڪت ڪئي، جڏهن ته سکر جي صنعتڪارن، واپارين، سياسي تنظيمن جي اڳواڻن، سماجي ڪارڪنن ۽ ٻين ماڻهن جو هڪ وڏو انگ پڻ جنازي نماز ۾ شامل هو، جنازي نماز کانپوءِ مرحوم جو آخري ديدار ڪرايو ويو، ان موقعي تي ڪيترائي وڪيل ۽ ٻيا سندس ساٿي روئيندا رهيا، بعد ۾ لاش کي دفنائڻ لاءِ گاڏين جي هڪ ڊگهي قافلي جي صورت ۾ شڪارپور نيو ويو، جڏهن ته لاش دفنائڻ کانپوءِ سندس مٽ، مائٽ واپس سندس رهائشگاهه تي پهتا، جتي تڏي تي انهن سون ماڻهن کان تعزيت وصول ڪئي، جن ۾ بلوچستان کان آيل وڪيل اڳواڻ علي احمد ڪرد به شامل هو، جيڪو تڏي تي ڪيتري دير تائين روئيندو رهيو. شڪارپور ۾ امداد اعواڻ  جو مڙهه  سوين  گاڏين جي قافلي ۾ آندو ويو،  جتي اناج منڊي ۾ مرحوم جي جنازي نماز ٿي، جنهن کانپوءِ ايڊووڪيٽ امداد اعواڻ کي نئون قبرستان ۾ پنهنجي والد نبي بخش اعواڻ ۽ امڙ عجيب النساءِ جي ڀر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،  تدفين دوران وڪيل اڳواڻ علي احمد ڪرد، وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، هاءِ ڪورٽ جو جسٽس فرق صبا شيخ، سکر بار جو جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ شبير شر، ڪوئٽيا هاءِ ڪورٽ بار جو صدر ايڊووڪيٽ حاجي شڪيل، وڪيل اڳواڻ سخي سلطان، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور نديم آخوند، شڪارپور بار جو اڳواڻ ايڊووڪيٽ مناف شيخ ، ايم اين اي نعمان اسلام، سڪندر علي ڪيهر ۽ پ پ ضلعي صدر قاضي نعيم اڪبر سميت ٻين شرڪت ڪئي، سيشن جج شڪارپور نديم احمد آخوند پاران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر طرفان گلن جي چادر چاڙهي، مرحوم جي تدفين کان پوءِ قافلو سکر طرف روانو ٿي ويو، شڪارپور ۾  صحافين سان  ڳالهائيندي  علي احمد ڪرد چيو ته  سنڌ ۾  امداد اعواڻ جو  خال پورو ٿيڻ مشڪل آهي، مرحوم ايمانداري  سان  وڪيلن جي جدوجهد کي اڳتي  وڌايو، هو مضبوط ۽ اڏول انسان هو.