|
ٻاهرين طاقتن خلاف چڙ ڏياريندڙ
بيان ڏئي پاڪستان تي حملي جو جواز نه ڏيو:الطاف
ڪراچي
(بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جي سربراهي ۾
لنڊن سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي گورنر، سٽي
ناظم ۽ رابطا ڪاميٽي جي ميمبرن
شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين
چيو ته ملڪ شديد خطرن ۾ گهيريل آهي جنهن ۾ اسان جي ايٽمي اثاثن
کي به خطرو آهي، ان لاءِ اسان کي ٻاهرين طاقتن خلاف چڙ
ڏياريندڙ بيان ڏيڻ پاڪستان تي حملو ڪرڻ جو جواز مهيا نه ڪرڻ
گهرجي. جيڪڏهن قبائلي علائقن تي (خدا نه ڪري) آمريڪي ۽ نيٽو جي
فوج حملو ڪيو ته اهو پاڪستان لاءِ انتهائي نقصانڪار ثابت ٿيندو.
هن چيو ته جيڪڏهن اسان دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اپاءُ نه ورتا ته
پوءِ ايئن نه ٿئي جو پاڻي سِر تان گذري وڃي. هن چيو ته ايم ڪيو
ايم ملڪ کي بچائڻ لاءِ حڪومت ۽ دفاعي ادارن کي غير مشروط سهڪار
پيش ڪرڻ جي آڇ ڪري ٿي، مسلم ليگ ن ۽ پ پ کي هن ڏکي وقت ۾
اختلافن بدران بهتر طريقي سان مسئلا حل ڪرڻ گهرجي ۽ وڪيلن کي
به سوچڻ گهرجي ته ملڪ بچائڻ گهرجي يا جج بحال ڪرڻ جي جدوجهد
وڌيڪ اهم آهي؟ اجلاس ۾ رابطا ڪاميٽي جي محمد انور، بابر غوري،
اشفاق منگي، ايم پي اي نثار پنهور، عادل صديقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
|