|
آمريڪي مداخلت سبب عدليا ۽ فوج
کي تباهه ڪيو ويو آهي:قاضي حسين
ڪراچي
(بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير قاضي حسين احمد چيو آهي ته
آمريڪي مداخلت سبب عدليا ۽ فوج کي تباهه ڪيو ويو. پنهنجي عوام
مٿان بمباري ڪري فوج عوام جي همدردين کان محروم ٿي وئي آهي.
ملڪ ٽٽڻ جو خطرو آهي ۽ وزير اعظم هڪ وفد سان ڳالهائيندي عملي
طور ملڪ ٽٽڻ جو اعتراف به ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن آمريڪا سان جنگ
ممڪن ناهي ته آمريڪا لاءِ عوام سان جنگ نه ٿي وڙهي سگهجي.
اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي بار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته
نئين حلف ذريعي ججن کي بحال ڪيو پيو وڃي پر ان سان عدليا بحال
نه ٿيندي. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سميت ٻين سمورن ججن جي
بحالي تائين 2 نومبر واري عدليا کي بحال نه سمجهيو ويندو. هن
چيو ته جيڪڏهن 3 نومبر وارن قدمن کي غير آئيني قرار ڏئي ان جي
ذميوارن کي سزا نه ڏني وئي ته مستقبل ۾ فوجي مداخلت کي روڪي نه
سگهبو. هن چيو ته نواز شريف، جنرل مشرف جي هوندي چونڊن ۾ حصو
نه وٺڻ جو معاهدو ڪري ڦري ويو ۽ مشرف جي هوندي چونڊن ۾ حصو
ورتو پر ان باوجود اسان جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي کي ووٽ
ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو اسان نواز شريف جي ڪري نه پر
غير جانبدار اميدوار هئڻ ڪري سندس حمايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي
جماعت اسلامي پاڪستان جي امير قاضي حسين احمد ڪالهه آمريڪي جيل
۾ قيد جيڪب آباد واسڻ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي امڙ عصمت صديقي ۽
سندس ڀيڻ فوزيه صديقي سان گهر وڃي ملاقات ڪئي،ان موقعي تي قاضي
حسين احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن ڏک جي گهڙي ۾ پوري
قوم ڊاڪٽر عافيه جي گهرڀاتين سان گڏ آهي،ڇو ته ڊاڪٽر عافيه
صديقي قوم جي هڪ دلير ڌيءُ آهي،جنهن تي قوم کي فخر آهي،هن چيو
ته پرويز مشرف رڳو ڊاڪٽر عافيه کي نه پر هزارين پاڪستانين کي
پئسن عيوض آمريڪا کي وڪروڪيو،جنهن ڪري اڄ به گم ٿيلن جا وارث
پنهنجن پيارن جي واپسي جي آس لڳايو ويٺا آهن، قاضي حسين
جماعت اسلامي پاران ڊاڪٽر عافيه تي لکيل هڪ ڪتاب”قيدي نمبر
650“سندس امڙ کي پيش ڪيو.
|