|
سنڌ جا سياستدان صرف ڳالهيون ٿا ڪن، سنڌ کي ڦريو پيو وڃي:بشير قريشي حيدرآباد (پ ر) جسقم چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته سنڌ جي آجپي، خوشحالي ۽ ترقي جون ڳالهيون ڪرڻ وارن کي ان مقصد لاءِ عملي طور جدوجهد ڪري سنڌين ۽ سنڌ جي سڄڻ هجڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو، سنڌ جا سياستدان سنڌ جي خوشحالي جون صرف ڳالهيون ٿا ڪن پر وفاق جي معرفت حڪمران ۽ ڌاريا عملي طور سنڌ کي ڦري لٽي رهيا آهن، ٻئي طرف جسقم اڳواڻ ظفر ڪوريجي، غلام حسين لنڊ ۽ علي حسن گاڏهي قومپرست آبادگار عزيز ٻرڙي تي آبپاشي عملدار ايس ڊي او جي چرچ تي پوليس چڙهائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گوزي ۾ علامتي بک هڙتالي ڪئمپ جو دورو پڻ ڪيو، |