روزانه ڪاوش

بيجنگ اولمپڪ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني دستو اڄ چين روانو ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) چين ۾ 8 آگسٽ کان ٿيندڙ 29 هين سمر اولمپڪس گيمز ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جو 35 رڪني دستو اڄ خميس تي اسلام آباد مان چين روانو ٿيندو، تفصيل مطابق 8 کان 24 آگسٽ تائين جاري رهندڙ ميگا ايونٽ جي افتتاحي تقريب 8 آگسٽ تي نيشنل اسٽيڊيم بيجنگ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ صدر پرويز مشرف ۽ آمريڪي صدر جارچ ڊبليو بش سميت 68 کان وڌيڪ ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪندا، اولمپڪ گيمز ۾ پاڪستان مجموعي طور تي 4 راندين هاڪي، شوٽنگ، ايٿليٽڪس ۽ سوئمنگ ۾ شرڪت ڪندو، جن مان ٽن راندين شوٽنگ، ايٿليٽڪس ۽ سوئمنگ ۾ پاڪستان کي وائلڊ ڪارڊ تي انٽري ملي آهي، جڏهن ته هاڪي ايونٽ لاءِ پاڪستان ڪواليفاءِ ڪيو آهي، اولمپڪ مقابلن ۾ پاڪستاني دستي لاءِ سرحد جو صوبائي راندين وارو وزير سيد عاقل شاهه چيف ڊي مشن هوندو، جڏهن ته ٻين آفيشلز ۾ برگيڊيئر سليم نواز، محمد اختر نواز، ڪيپٽن (ر) ظفر اقبال اعواڻ ۽ ٻيا شامل آهن، پاڪستان هاڪي ٽيم جي مئنيجر خواجا ذڪاءُ الدين چيو ته هاڪي ٽيم اولمپڪ مقابلن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پراميد آهي.